جوهي (ن پ ا)  ڊرگھه بالا جي غيرفعال ادارن جي بحالي جوت تحريڪ پاران اياز حسين رند، عبدالحفيظ لغاري، پرويز باهوٽو، عطاءَ الله کچي، بچل برهماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن دانيهندي چيو ته  ڊرگھه بالا ڪاڇي جو مرڪزي شھر آھي، صحت مرڪز ۾  علاج جون سهولتون ناهن، ايمبولنس 10 سالن کان خراب پيل آھي، يونين ڪائونسل سيڪريٽري آفيس سالن کان بند پيل آھي، واٽر سپلاءِ بند آهي، جنهن سبب پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهيون، هنن چيو ته روڊ رستا تباهه ٿي ويا آهن، نوٽيس وٺي مسئلا حل ڪيا وڃن.