لاڙڪاڻو ( رپورٽ: شاهه محمد لاشاري ) خوشحال خان خٽڪ، بولان ميل، شهباز  ايڪسپريس، جيڪب آباد پيسينجر، موئن جو دڙو ايڪسپريس مڪمل طور بند هئڻ سبب شهري سستي سفري سهولت کان محروم آهن. شهرين خادم کوسو، خليل چانڊيو، جاويد ڪلهوڙو، جيند ڀٽو جو چوڻ هو ته ٽرينون آهستي آهستي هٿرادو خسارو ڏيکاري بند ڪيون ويون آهن،بولان ميل ۽ موئن جو دڙو ٽرين به ڪجهه مهينا اڳ برسات دوران بند ڪئي وئي.ريلوي انتظاميا شهرين کي سستي سفري سهولت کان  محروم ڪري ڳرا ڪرايا ڀرائي رهي آهي. ريل گاڏي جي سهولت فراهم ڪري ڇانيل بي چيني ختم ڪئي وڃي. ھوڏانھن ان حوالي سان اسٽيشن ماسٽر اياز حسين عباسي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اسان وٽ گذريل 19/8/2022 کان بولان ميل، ۽ موئن جو دڙو پسينجر بند ڪئي وئي، ان کان اڳ 2020 جي مارچ مهيني ۾ هلندڙ خوشحال خان خٽڪ،سميت ٻيون ٽرينون شهباز ايڪسپريس، جيڪب آباد پيسينجر جيڪا لڪڙ جي نالي سان مشهور هئي بند ڪيون ويون هن وقت ٽرين سروس برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٽريڪ متاثر ٿيڻ ڪري بند آهن جنهن هتان جا واپاري ۽ شهري اڄ به ٽرين سروس بحال ٿيڻ جي روزانو پڇا ڪندا آهن پر اڃا تائين بولان ميل ۽ پيسينجر ٽرين سروس بحال ناهي ٿي سگهي.