اڏام دوران مسافر سگريٽ دکائي ڇڏيو، عملي جون ڊوڙون

0
1069

واشنگٽن (دلچسپ نيوز) اڏام دوران مسافر سگريٽ دکائي ڇڏيو، عملي جون ڊوڙون لڳي ويون. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست ميني سوٽا ۾ ميني پولي ويندڙ اڏام ۾ انوکو واقعو پيش آيو. اڏام دوران ئي هڪ بي وقوف مسافر اوچتو سگريٽ دکائي ڇڏيو ۽ بعد ۾ سگريٽ پيئندي پيئندي سمهي رهيو جنهن تي سندس ڀر ۾ ويٺل هڪ ٻئي مسافر فوري طور جهاز جي عملي کي شڪايت ڪئي جڏهن ته ٻيا مسافر به پريشان ٿي ويا، شڪايت ملندي ئي عملو ٿرٿلي ۾ پئجي ويو، مسافر کان تڪڙو سگريٽ کسيو ويو، جهاز ۾ مسافر پاران سگريٽ ڇڪڻ جي اها وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. وڊيو ۾ مسافر کي سگريٽ دکائڻ بعد سمهي رهڻ ڏسي سگهجي ٿو جڏهن ته عملي پاران جاڳائڻ تي مسافر پڻ ڇرڪ ڀري اٿي ويهي رهي ٿو. وڊيو وائرل ٿيڻ بعد صارفين جا پڻ دلچسپ تبصرا شروع ٿي ويا آهن ڪجهه صارفين جو چوڻ آهي ته هاڻي اڏام کان اڳ مسافرن جا کيسا به چيڪ ٿيڻ گهرجن.