غيرقانوني ڀرتيون ڪيس: قائم علي شاھ ۽ شرجيل ميمڻ جي حفاظتي ضمانت ۾ واڌ

0
349
قائم علي شاھ ۽ شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جَي سُڌ سماءَ کاتي ۾ غير قانوني ڀرتين ۽ اختيار اورانگهڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه ۽ شرجيل ميمڻ جِي حفاظتي ضمانت ۾ 21 سيپٽمبر تائين واڌ ڪئي وئي آھي، عدالت نيب کان ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي، شهدادپور ۾ زمين جِي غير قانوني الاٽمينٽ ريفرنس ۾ به قائم علي شاهه جي حفاظتي ضمانت ۾ 21 سيپٽمبر تائين واڌ ڪئي وئي، عدالت کي ٻڌايو ته قائم علي شاهه ڪورونا وائرس جو شڪار آهي، پيش نه ٿو ٿي سگهي.