دنيا جي مهانگي آئسڪريم: اگهه 60 هزار رپيا مقرر

0
279

ابوظهبي (دلچسپ نيوز) دنيا جي سڀ کان مهانگي آئسڪريم وڪري لاءِ پيش ڪئي وئي، اگهه 60 هزار رپيا مقرر ڪيو ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب دبئي ۾ هڪ ڪولڊ ڪارنر شاپ پاران بليڪ ڊائمنڊ نالي سان اها آئسڪريم وڪري لاءِ پيش ڪئي وئي آهي. چيو پيو وڃي ته اها آئسڪريم 23 قيراط سون، زعفران ۽ ٽرفل سان تيار ڪئي وئي وئي آهي جڏهن ته گراهڪن کي آئسڪريم کي بهترين پيالي ۾ پيش ڪئي وڃي ٿي، اداڪار وي جي ۽ سفري وي لاگر شهناز پنهنجي دبئي جي ياترا دوران نه رڳو اها آئسڪريم کاڌي پرٻنهي ڄڻن ان بابت سوشل ميڊيا تي مداحن کي هڪ پوسٽ شيئر ڪري ڄاڻ پڻ ڏني. آئسڪريم جو نالو ٻڌندي ئي وات پاڻي پاڻي ٿيو وڃي، ڇاڪاڻ ته سندس نالو ٻڌندي ئي هڪ مٺي ٿڌي شي جو تصور اڀري ٿو جيڪو دل ۽ دماغ کي پڻ سڪون ڏي ٿو.