8  اپريل 2019ع کان اڳ اهو ڪنهن به ڪونه سوچيو هو  ته پرنٽ ميڊيا جي هن پڇاڙڪي دور ۾ سنڌ جي صحافت ۾ هڪ اهڙي اخبار جي اضافي جي گنجائش به آهي جيڪا اجگر جيڏين اخبارن هوندي نه فقط پنهنجي پيرن تي بيهي سگهندي پر اها مقابلي جي ميدان ۾ پاڻ مڃائڻ کان پوءِ ميدان به ماري ڏيکاريندي. 
 جڏهن پهريون ڀيرو “پنهنجي اخبار” منهنجي هٿن ۾ آئي هئي ته عادت موجب مون سڀ کان پهرين اخبار جي ايڊيٽر جو نالو پڙهيو ۽ سوچڻ لڳس ته “محمد علي قاضي” ڪير آهي؟  جيئن ته آئون اڳ ۾ سنڌي صحافت ۾  وڏي اهميت ماڻيندڙ ماڻهو علي قاضي کي اڌ نالي سان سڃاڻندو هئس ان ڪري محمد علي جو نالو سمجھه ۾ نه آيو  پر جلد ئي پتو پئجي ويم ته هي محمد علي قاضي ساڳيو علي قاضي ئي آهي. آئون “پنهنجي اخبار” جي ٻين ۽ “ٽائيم نيوز” جي پهرين سالگرھه جي روايتي مبارڪباد ڏيڻ سان گڏ علي قاضي جي ماضيءَ واري ڪردار تي نظر ضرور وجهڻ ضروري ٿو سمجهان. 
سنڌ جي صحافتي تاريخ ۾ جيڪي اخبارون سنڌ جي عوام سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف ميدان عمل ۾ رهيون آهن انهن اخبارن ۾ ٻين اخبارن سان گڏ قاضي خاندان جي ئي نگراني ۽ مالڪي هيٺ نڪرندڙ عبرت اخبار به هڪ رهي آهي، عبرت اخبار ڪنهن دور ۾ ترقي پسند خيال جي اديبن ۽ ليکارين لاءِ اظهار خيال جو اهم ذريعو بڻيل هئي، وري جي ان دور جي ٿورو اڳيان پٺيان واري صحافتي دنيا تي نظر ڊوڙائبي ته پتو پوندو ته ان دور ۾ ڪجھه  ٻيون اخبارون به شايع ٿينديون رهيون، پر اهي سڀ اخبارون ترقي پسند فڪر جي ماڻهن کي ويجهو به اچڻ ڪونه ڏينديون هيون. 
قاضي خاندان مان هڪ ٻئي نوجوان صحافتي دنيا ۾ پير پاتو ۽ جواني واري عمر ۾ ئي هن نئين سوچ ۽ نئين جذبي سان سنڌي صحافت ۾ هڪ انقلاب آڻي ڏيکاريو. اڄ کان 31 سال اڳ آگسٽ 1990ع ۾ هن ڳڀرو جوان حيدرآباد مان  هڪ نئين اخبار ڪڍي. جهڙي ريت قاضي ڀائر ماضي ۾  گڏجي صحافتي ڪم ڪندا رهيا آهن، ساڳي طرح هن نئين اخبار ۾ به قاضي اڪبر جا سڀ ئي پٽ گڏ هئا جن مان هر هڪ جو الڳ الڳ پنهنجو ڪردار ۽ اهميت رهي آهي پر آئون اها ڳالھه ڪندي دعويٰ سان چوان ٿو ته محمد علي قاضي المعروف علي قاضي اسانجي هن دور جديد ۾ سنڌي صحافت ۾ رهبري ۽ اڳواڻي وارو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. علي قاضي ان اخبار جي ڪاميابي لاءِ جيڪا موثر حڪمت عملي ترتيب ڏني سا اها هئي ته ڪيئن به ڪري سندس اخبار سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ صبح جو سوير 6 بجي يا دير ۾ دير 8 بجي تائين ماڻهن جي هٿن ۾ پهچڻ گهرجي. اهڙي حڪمت عملي سنڌي صحافت ۾ ان کان اڳ يا پوءِ ڪنهن به اختيار ناهي ڪئي. جنهن کان پوءِ ماڻهن جي اچرج جي انتها نه رهي ته صبح جو هو جيئن ئي ننڊ مان اٿن ته اخبار سندن شهر سندن ڳوٺن محلي ۽ سندن گهرن ۾ نظر اچڻ لڳي. ان اخبار سنڌي صحافت جي سڀني اخبارن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو. اهڙي سوچ ۽ حڪمت عملي ۽ رٿا بندي صرف ۽ صرف علي قاضي جي ئي ٿي سگهي ٿي. علي قاضي جا ڪارناما اتي اچي ختم نٿا ٿين، مون کي ياد آهي ته جنهن دور ۾ پي ٽي وي تي سنڌي پروگرام صرف اڌ ڪلاڪ هلندو هو تڏهن سموري سنڌ مطالبا پئي ڪيا ته پي ٽي وي تي سنڌي پروگرام جو اڌ ڪلاڪ وارو وقت وڌائي هڪ ڪلاڪ ڪيو وڃي، جيڪو وقت پي ٽي وي آخر تائين نه وڌايو، اهڙي صورتحال ۾ علي قاضي سنڌ جو پهريون سيٽلائيٽ سنڌي چينل آندو جنهن کي شروعاتي دور ۾ ٿائيلينڊ مان آپريٽ ڪيو ويو، ان وقت سنڌي ماڻهن جي خوشيءَ جي ڪا انتها ڪانه رهي، عيد جي خوشي کان وڌيڪ خوشي محسوس ڪئي وئي ڇو ته سنڌي ماڻهن ته هڪ ڪلاڪ جي وقت جا مطالبا پئي ڪيا پر کين 24 ڪلاڪن لاءِ پنهنجو سنڌي ٽي وي چينل ملي ويو هو، جنهن کان پوءِ سنڌي ماڻهن کي دنيا جي خبرن کان باخبر رهڻ سان گڏ ٻيا به ڪيترائي موقعا مليا، سنڌي فنڪارن کي پاڻ مڃرائڻ جو ڀرپور موقعو ملي ويو، اداڪار، هدايتڪار، ڪئميرامين وغيره وڏي تعداد ۾ روزگار سان لڳي ويا ۽ نوجوان ٽي وي تي اچي  هر طرح جون صلاحيتون ڏيکارڻ ۽ پاڻ مڃرائڻ لڳا. علي قاضي جي ڪارنامن جي ڪٿ ڪبي ته ان واقعي کي ڪيئن وساري سگهبو جڏهن 2008 ع ۾ آصف علي زرداري ملڪ جو صدر ٿيو ۽ 2009ع ۾ افغانستان جو سرڪاري دوري تي ويو ته ان وقت آصف علي زرداري سرڪاري ڊريس وارا سوٽ بوٽ پائڻ بدران روايتي سنڌي ڪپڙا اوڍي مٿي تي سنڌي ٽوپي پائي وڃي ڪابل جي ايئرپورٽ تي لٿو ۽ سنڌي ٽوپي سان گڏ جڏهن افغانستان جي هم منصب سان سندس ملاقات جا فوٽو انٽرنيشنل ميڊيا تي هليا ته ان وقت هڪ صحافي شاهد مسعود  نجي ٽي وي پروگرام ۾ سنڌي ٽوپي ۽ سنڌي ثقافت تي ٺٺول ڪئي ۽ ان جو ڀرپور مذاق اڏايو. اهڙي موقعي تي سنڌ جي ثقافت تي ٿيل ٺٺول خلاف سڀ کان پهريون آواز علي قاضي جو آيو. علي قاضي ڊسمبر 2009ع ۾ سندس اخبار ۽ ٽي وي چئنل جي پليٽ فارم تان اهو اعلان ڪيو ته شاهد مسعود جي مڪاري ۽ سنڌي ثقافت جي خلاف ڪيل پروپئگينڊا جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو ۽ سنڌ ۾ سنڌي ثقافت سان ايڪتا جو ڏينهن ملهايو ويندو. علي قاضي جو اهڙو اعلان نه فقط سندس ڪمال جي فڪر ۽ سوچ کي ظاهر ڪري ٿو پر ساڳئي وقت هن جي سنڌ سان پيار ۽ بهادراڻي اسٽينڊ وٺڻ واري طبعيت کي به ظاهر ڪري ٿو ڇو ته هن موهن جي دڙي واري تهذيب ۽ تمدن رکندڙ عظيم سنڌي ثقافت تي حملو ڪندڙ کي اهڙو ته جواب ڏنو جو شاهد مسعود کي ته سنڌي قوم کان  معافي وٺڻي پئي پر ڊسمبر 2009ع کان پوءِ اهو ڏينهن اڃان سوڌو سنڌي قوم جي قومي عيد طور ملهايو پيو وڃي، ۽ هاڻ ته انجي پيروي ڪندي سڀ چينل ۽ اخبارون به اهو ڏينهن ملهائين پيون. اهڙن خيالن، سوچن ۽ تصورن جو خالق علي قاضي جو ذهن ئي آهي، علي قاضي هڪ غير معمولي سوچ جو مالڪ آهي، هن جي ذهن ۾ هر وقت ڪي نه ڪي نيون  ڳالهيون تخليق ٿينديون رهنديون آهن. سندس اهڙي عمل، سوچ ۽ فڪر جي ڪري سنڌي قوم کي نه صرف سنڌ، پاڪستان بلڪه هند ۽ سموري دنيا ۾ پنهنجي ثقافت کي روشناس ڪرڻ ۽ ان تي فخر ڪرڻ جو موقعو ملي ويو آهي.
علي قاضي جا ڪارناما اتي ختم نٿا ٿين. 8 اپريل 2019ع تي اڄ کان ٻه سال اڳ  هن “پنهنجي اخبار”  جو بنياد وڌو، ان اخبار جي ضرورت ڇو پئي ان تي ڪنهن ٻئي مناسب موقعي تي تفصيلي لکندس، ڇاڪاڻ ته اها هڪ وڏي ڏک ڀري ڪهاڻي آهي ته جنهن اخبار ۽  ٽي وي چئنل  کي هن پنهنجي هٿن سان تخليق ڪري ٽيهن سالن تائين پرورش ڪئي ۽ ڪاميابين جي اوچن مقامن تائين پهچايو پر اوچتو کيس پنهنجي ئي گهر مان سڀ ڪجھه ڇڏي هٿين خالي الوداع ڪرڻو پيو.
اهڙيون ڪيفيتون فقط اهي ماڻهو ئي سمجهي سگهن ٿا جيڪي اهڙن احساسن کي سمجهي سگهڻ وارين حساس/ڏسو صفحو 9 بقايا 01
دلين جا مالڪ هوندا آهن. 
پنهنجن هٿان پاڻ سان ٿيل زندگي جي سڀ کان وڏي زيادتي جي هن ڪڏهن به ڪنهن سان ڪا شڪايت نه ڪئي!
پر پنهنجي هٿن سان ٺاهيل ماڙين جهڙن ميڊيائي ادارن مان ڪوچ ڪرڻ کان پوءِ به هو ماٺ ڪري ڪونه ويٺو،
هن هڪ دفعو به ڪنڌ ورائي پٺتي نه ڏٺو ۽ اکين جا ڳوڙها اگهي اڳتي وڌندو ويو..
هن ويب سائيٽ تي “پنهنجي اخبار” نالي هڪ ڊجيٽل اخبار آندي، جيڪا اڳتي هلي پني تي به ڇپجڻ شروع ٿي.
 مونکي پڪ آهي ته علي قاضي جي هي اخبار به سنڌي ماڻهن جي حقن ۽ حاصلات لاءِ به ايئن ئي ڪم ڪندي جيئن اڳ ۾ هن جي ادارت ۾ نڪرندڙ پهرين اخبار سنڌي قوم کي هر محاذ تي سرخرو ڪيو هو.
ان ڪري اڳتي به ساڳيو يقين آهي ته هر مظلوم کي انصاف ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ علي قاضي اڳتي به “پنهنجي اخبار” ۽ “ٽائيم نيوز” جي ذريعي انيائن، سازشن ۽ ڪوڙن قصن کي بي نقاب ڪندو رهندو.
مان “پنهنجي اخبار” جي ٻين سالگرهه ۽ “ٽائيم نيوز” جي پهرين سالگرھه تي ٻنهي ادارن جي سموري سٿ کي مبارڪون ڏيان ٿو جن مختصر عرصي ۾ پنهنجي اخبار جي اشاعت ٻين اخبارن کان اڳتي ڪري ڇڏي آهي ۽ “ٽائيم نيوز” کي بنھه ٿوري وقت ۾ سنڌ جو هڪ نمائنده چئنل بڻائي ڇڏيو آهي.