اسلام آباد (م ڊ) بچاءُ بابت وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته عمران پنهنجن ئي ماڻهن کي ايجنٽ قرار ڏئي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي.  خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته ياسمين راشد ڳجھين ايجنسين جي ايجنٽ آهي ته عمران خان کي ئي خبر هوندي، هن چيو ته ياسمين راشد ڪور ڪمانڊر هائوس تي حملي لاءِ ڀڙڪائي رهي هئي.  هن چيو ته اڃا فيصلو ناهي ٿيو ته آرمي ايڪٽ تحت ڪيس هلائڻا آهن يا ڪنهن ٻئي قانون تحت. پر هي آرمي جي ملڪيتن تي حملا ڪندا، باهيون ڏيندا ۽ قانون ٽوڙيندا ته آرمي ايڪٽ نه ايندو ته ٻيو ڇا ايندو. پاڪستان ۾ ڪو اهڙي خواهش رکندو ته آرمي ايڪٽ ئي ايندو. ڇا آرمي ايڪٽ ملڪ جو قانو ناهي؟ ڇا اهو ڪو آمريڪا جو قانون آهي يا مريخ جو قانون آهي؟ خواجه آصف وڌيڪ چيو ته اسان کي پنهنجي عدالتي نظام تي به ڀروسو آهي، وڏا وڏا ايماندار جج به هنن عدالتن م رهيا آهن.  هن چيو ته اسان ڪنهن به ماڻهو کي غائب نه ڪنداسين، اسان کي الله کي به جواب ڏيڻو آهي. هن چيو ته اعظم سان گڏ سواتي جو نالو لڳائي عمران خان ڪنهن کي پيغام ڏنو، پوليس کان پڇي وٺو ته اعظم نالو ڪنهن جي لاءِ استعمال ٿيندو آهي.”؟  ڇاهنن کي آرمي ايڪٽ تحت نه ته آواره گردي ايڪٽ تحت منهن ڏنو وڃي؟ ڇا اهڙا ڪم ڪندڙن کي ٽريفڪ چالان ۾ پڪڙيون؟ هن چيو ته  اڄ به عمران خان جي لهجي ۾ عسڪري ادارن خلاف ڌمڪين وارو تاثر آهي. انهن ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، جن ڀڃ ڊاهه ڪئي، ڇا عمران خان نٿو سڃاڻي. خواجا آصف موجب هي چوي ٿو ته عورت هوندي به بشريٰ بي بي کي گرفتار ڪرڻ جي تياري پئي ٿئي، ڇا مريم نواز عورت ناهي، اها گرفتار نه ٿي، فريال ٽالپر جي گرفتاري تي ان جي عورت هجڻ جو خيال نه آيو.  بشريٰ بي بي عمران خان سان هر شيءِ ۾ ملوث آهي.  هن چيو ته تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ جو اسان جو ڪو به ارادو ناهي، 9 مئي وارن واقعن ۾ جيڪو به ملوث هوندو ان کي نه ڇڏينداسين. اسان جو هدف رڳو ڪرپشن  جو خاتمو ڪرڻ آهي. هن چيو ته عمران خان ڏهه سال ته ڇا 4 ڏينهن جيل ويو تو روئي پوندو. هن چيو ته اين سي اي جو لفافو عمران خان ڪابينا ۾ ڇو نه ڏيکاريو؟ حڪومت کي چوندس ته اين سي اي جو سمورو تفصيل پڌرو ڪري.