اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان وٺي اعليٰ عدليه تائين سڀني عمران خان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، ڪنهن جي ايڇ ڪيو ۽ جناح هائوس سان يڪجهتي جو اظهار نه ڪيو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ تقرير ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ته جوابدار کي نائِيس ٽُو سي يُو چوڻ بدران دهشتگردي جي مذمت ڪرڻ گهرجي ها، عمران خان کي فيصلو ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي ها ته پي ٽي آءِ سياسي پارٽي آهي يا دهشتگرد تنظيم، عمران خان مذمت نه ڪئي آهي ته عوام ۽ سُپريم ڪورٽ کي پي ٽي آءِ سان دهشتگرد تنظيم جهڙو رويو رکڻ گهرجي، رياست کي هاڻ هڪ ٿي جواب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اها هڪ واحد سياسي جماعت آهي، جنهن هر اداري تي حملو ڪيو، شروعات پارليامينٽ کان ٿي، پوءِ انصاف جي ادارن تي تنقيد ڪئي وئي، حڪومت ۾ آيا ۽ سليڪٽڊ راڄ قائم ڪري آءِ ايس آءِ کي استعمال ڪيو ۽ پنهنجا مفاد ڪڍيا، ان وقت سوموٽو وٺي عمران کي عدالت طلب ڪرڻ گهرجي ها پر سوموٽو ان وقت ياد ايندو آهي، جڏهن اسان حقيقي صورت ۾ جمهوريت بحال ڪرڻ جا قدم کڻندا آهيون. بلاول چيو ته سڀني پهريون ڀيرو ڏٺو ته ڪور ڪمانڊر هائوس کي ساڙيو ويو، جي ايڇ ڪيو تي حملو ڪيو ويو، پبلڪ ٽرانسپورٽ کي ساڙيو ويو، ريڊيو پاڪستان جي عمارت کي باهه ڏني وئي، اسان ملڪ خاطر بينظير ڀٽو جو لاش ڪلهي تي کنيو پر ڏڦيڙ ٿيڻ نه ڏنو. پ پ چيئرمين چيو ته جڏهن بينظير جلا وطني ختم ڪري واپس آئي ته ان وقت سندس آجيان لاءِ 30 لک ماڻهو گڏ هئا، ان وقت ذوالفقار علي ڀٽو جو قاتل ايوان صدر ۾ موجود هو، جيڪڏهن ان وقت بينظير ڀٽو عوام کان بدلو وٺڻ جو مطالبو ڪري ها ته سوچيو ملڪ جو ڇا ٿئي ها.