اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا بلوچستان ۾ امن و امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وفاقي ڪابينا آرٽيڪل 245 تحت فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني، جڏهن ته وفاقي ڪابينا سڄي پنجاب ۾ رينجرز جي مقرري جي منطوري به ڏني،  وفاقي ڪابينا دهشتگردي جي روڪٿام واري ايڪٽ تحت صوبي ۾ رينجرز جي مقرري جي منظوري ڏني آهي.