اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين پاران شاهراهه دستور تي سپريم ڪورٽ سامهون احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو، چيف جسٽس سوڌو ججز تي سخت تنقيد، سپريم ڪورٽ سامهون ٻيهر احتجاج ڪرڻ جو چتاءُ،  پي ڊي ايم سربراهه مولانا  فضل الرحمان چيو آهي ته ڪنهن تي انصاف جي ذميواري هجي ته هر ڌر تي هڪجهڙو ڌيان ڏيڻ گهرجي، هاڻي فيصلا عوام ڪندو، عدالتي وقار لاءِ ڪجهه ججن کي قربان ڪيو وڃي ته ڪو فرق نه ٿو پوي، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) نائب صدر مريم نواز شريف چيف جسٽس عمر عطا بنديال کان استعيفا جو مطالبو ڪندي چيو ته موجوده بحران جو ذميوار  عمران خان کان عمر عطا بنديال آهي ،چونڊون چيف جسٽس جي استعيفا بعد پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون، تفصيل موجب حڪمران اتحاد پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين سپريم ڪورٽ جي رويي خلاف سپريم ڪورٽ سامهون شاهراهه دستور تي پهچي وڏي احتجاجي مظاهري سان گڏ طاقت جو  مظاهرو ڪيو، مظاهرين جي هٿن ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن خلا ف سخت نعريبازي تي ٻڌل پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا، سڄي ملڪ مان اسلام آباد پهتل قافلا قلم 144 لاڳو هجڻ باوجود سيرينا چوڪ وٽ ريڊ زون ۾ مظاهرين کي وڃڻ کان روڪڻ لاءِ بند ڪيل وڏو لوهو گيٽ کولي پرڏيهي وزارت کان ٿيندا شاهراهه دستور تي سپريم ڪورٽ سامهون پهچي ويا، جتي سڄي ملڪ مان آيل قافلن وڏي  احتجاجي ميڙ ۽ ڌرڻي جي صورت اختيار ڪري ورتي، منجهند کان ڌرڻو ختم ٿيڻ تائين مسلسل عدليا ۽ پي ٽي آءِ خلاف نعريبازي ٿيندي رهي، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ويٺل ڪجهه ماڻهو فيصلا نه ٿا ڪري سگهن، فيصلا پاڪستان جو عوام ڪندو، جانبدار جج پنهنجي عدالتي حيثيت کي مجروح ڪري چڪو آهي، ان ڪري هتي عوام جي عدالت موجود آهي، عوامي عدالت فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ۽ ان جو مختصر ٽولو پاڪستاني عدالت جي توهين ڪري رهيا آهن، هن چيو ته اسان جي پارٽي ڪنهن به قيمت تي عدالتن جي انجنيئرڊ فيصلن کي قبول نه ڪندي، سمورن ادارن کي پنهنجون ذميواريون پنهنجي حدن ۾ رهي پوريون ڪرڻ گهرجن، هن چيف جسٽس کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان توهان کي ڄاڻون ٿا، توهان جو احترام به ڪيون ٿا، پر توهان ۽ توهان جا وفادار جن مهذب ڪرسين تي ويٺا آهن انهن تي ويهي نه پارليامينٽ، نه عوام نه ئي ڪنهن سياستدان جي تذليل جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي، جيڪڏهن توهان اسان جي تذليل ڪندا ته توهان جي هٿوڙي کان اسان جو هٿوڙو مضبوط آهي، ڪنهن به طرح سان هٿوڙا گردي کي منظور نه ڪنداسين، اڄ اهو جٿو ڪٿي آهي اڄ حملو ڪري ته کيس پتو پوي، تحريڪ انصاف جا دهشتگرد ڪٿي آهن، حڪومت تي ناجائز هٿ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اسان عوام جي چونڊيل قومي اسيمبلي ۽ وزيراعظم جو تحفظ ڪنداسين، پوءِ توهان کي پريشاني هوندي، هن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس تي تنقيد ڪندي چيو ته توهان هر ڳالهه تي چئو ٿا ته هي آئين مطابق آهي، ڇا آئين اسان نه ٿا ڄاڻون، جنهن آئين جي توهان تشريح ڪندا آهيو اهو آئين اسان ٺاهي توهان کي موڪليو آهي، اسان قمر جاويد باجوا کي چيو هو ته توهان درست رخ تي نه وڃي رهيا آهيو، پاڪستان تي ڪا مشڪل آئي ته هي يوٿيا توهان سان گڏ نه هوندا، پاڪ فوج کي ان ڪري نشانو بڻايو پيو وڃي جو پاڪستان کي متحد رکڻ جي آخري طاقت فوج آهي، فوج ڪمزور ٿيندي ته پاڪستان ٽٽندو، عمران خان ان ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي، هن چيو ته عدالتي وقار لاءِ ڪجهه ججن کي قربان ڪري ڇڏجي ته ڪو فرق نه ٿو پوي، پاڪستان جي عدليه جو وقار بحال ڪرڻ چاهيون ٿا، توهان کي سياست ڪرڻي آهي ٻاهر ميدان ۾ اچو، هن چيو ته اسان هڪ ڏينهن جي نوٽيس تي وري اينداسين ۽ هن تعداد کان وڌيڪ تعداد ۾ اينداسين، هن ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ضرورت پئي ته ٻيهر اسلام آباد اينداسين،  فضل الرحمان چيو ته پاڪستان ۾ اسرائيلي ۽ قادياني لابي نه هلندي، هن آرمي چيف جو ڏوهه اهو هو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ طور هن توهان کي سعودي عرب خلاف ڳالهائڻ کان روڪيو هو، مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر ۽ سينيئر نائب صدر مريم نواز ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته عمر عطا بنديال جيستائين ملڪ جي اعليٰ ترين عدالت جو جج هوندو، آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون ممڪن ناهن، چيف جسٽس جي استعيفا بعد ئي چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون، هن چيو ته ملڪ کي جنهن انتشار ۽ بحران پنهنجي گهيري ۾ وٺي رکيو آهي ان بحران جو جنم زمان پارڪ  کان ايترو نه ٿيو آهي جيترو عمر عطا بنديال جي ڪرسي مان ٿيو آهي، هن چيو ته ڇا ڪوئي هڪ به آمر  اهڙو آهي جنهن کي سپريم ڪورٽ گهر موڪليو هجي، هنن هميشه آمرن خاطر نظريه ضرورت کي زندهه ڪيو، اسان عدليه جو احترام ڪرڻ وارا آهيون، آئين ٺاهڻ وارا آهيون، اڄ هتي احتجاج ڪرڻ نه پئي چاهيو پر پاڪستان جي بهتري به هن عمارت مان ٿئي ٿي ۽ پاڪستان جي تباهي به ان جي فيصلن سان ٿيندي آهي، جڏهن هزارن ۽ لکن جي تعداد ۾ حقيقي عوام نڪرندو آهي ته هڪ پتو به هيڏي هوڏي نه ٿيندو آهي ڪو پٿر نه لڳندو آهي، اڃا پارليامينٽ قانون ٺاهيو ئي نه هو ان تي نانگ بڻجي ويهي رهيا آهيو، توهان جو ڪم آئين جي تشريح ڪرڻ آهي، ان کي لتاڙڻ توهان جو ڪم ناهي، ملڪ کي جڏهن به خراب ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ مان نظريه ضرورت پيدا ڪري خراب ڪيو ويو، ڪنهن وزيراعظم کي نااهل قرار ڏنو وڃي ٿو ته ڪنهن کي ڦاهي جي سزا ڏني وڃي ٿي، ڪنهن کي جلا وطن ڪيو وڃي ٿو، ڪنهن کي گولي هڻي ماريو وڃي ٿو، جڏهن ملڪ ۾ 4 مارشل لائون لڳيون ته ان تي ٺپا هن عمارت لڳايا، اڄ جڏهن فوج مارشل لا لاڳو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، آئين ۽ قانون سان گڏ بيٺل آهي ته ملڪ ۾ پنجون جوڊيشل مارشل لا به هتان لڳو آهي، آئين کي ٻيهر لکيو ويو، آرٽيڪل 63 اي جي غلط تشريح ڪئي وئي، آئين چوي ٿو ته ڪوئي پارٽي ميمبر پارٽي لائين جي خلاف ووٽ وجهي ته ان کي ڊي سيٽ ڪيو ويندو، اهو نه ته ان جو ووٽ شمار نه ڪيو ويندو، پر عمر عطا بنديال آئين کي ٻيهر لکيو ۽ انهن ميمبرن کي به ڊي سيٽ ڪري ڇڏيو جن جا ووٽ شمار به نه ڪيا ويا، 75 سالن کان پوءِ به 22 ڪروڙ  عوام جي قسمت تبديل نه ٿي آهي، ڇو ته هن عمارت ۾ جيڪي ڪجهه ماڻهو ويٺل آهن انهن جي نيت ٺيڪ ناهي، جيڪو ڪجهه ڀارت ، پاڪستان جا دشمن ملڪ، دهشتگرد تنظيمون  نه ڪري سگهيون اهو ٽي ڏينهن پهريان هنن جي پالتو عمران خان ڪري ڏيکاريو، جنهن دفاعي اڏاوتن کي ساڙيو، ريڊيو پاڪستان کي باهه ڏني وئي، 25 مئي تي به لانگ مارچ ٿيو هو ته پوري اسلام آباد کي باهه ڏني وئي هئي، جنهن بعد عمر عطا بنديال عدالت ۾ چيو هو ته ٿي سگهي ٿو ته عمران خان باهه نه لڳائي هجي، اها باهه شايد آنسو گيس سبب لڳي هجي، جي ايڇ ڪيو تي پهريون حملو طالبان ڪيو ٻيو حملو انهن جي پالتو عمران خان ڪيو، عمران خان جي گرفتاري تي پاڪستان جو عوام نه نڪتو، هنن جا تربيت يافته دهشتگرد نڪتا.