اسلام آباد (م ڊ) وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته اپوزيشن پاڻ تجويز ڏني هئي ته اسيمبلي ۾ ٿيل هنگامي جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪاميٽي ٺاهي وڃي، پاڻ ئي نالا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته اپوزيشن کي خبر آهي ته هڪطرفي وڊيو ٺاهي جيڪو بيانيو انهن ٺاهيو آهي اهو ڪوڙو ثابت ٿي ويندو، جيڪڏهن اهڙو خوف ناهي ته پوءِ ڀڄي ڇو رهيا آهن. هن چيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيندي ئي اپوزيشن حملو شروع ڪري ڏنو ۽ بوتل اڇلائي اڪرم چيما کي هنئي، اسد عمر چيو ته اپوزيشن بجيٽ تي بحث بدران ڀڄڻ چاهي ٿي