اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي وزير شوڪت ترين اعتراف ڪندي چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي چوڻ تي وياج جي شرح 13.25 سيڪڙو تي آندي وئي هئي، جنهن سان ملڪ مٿان قرضن ۾ 3 هزار ارب جو اضافو ٿيو، آءِ ايم ايف بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻ ۽ ادارن ۾ سڌارا فوري ڪرڻ جو شرط لڳايو آهي، آءِ ايم ايف سمورا هدف فوري مڃرائڻ چاهي ٿو، پر غريب ماڻهو تي بار نه ٿا وجهي سگهون، آءِ ايم ايف کي متبادل پلان ڏنو آهي، پ پ دور ۾ آءِ ايم ايف سٺو پيڪيج ڏنو هو اسان کي ڪوڙي گوري کائڻي پئي، تفصيل موجب ناڻي وزير شوڪت ترين سينيٽ جي ناڻي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته مالي سال 23-2022ع ۾ معاشي گروٿ 6 سيڪڙو تي آڻينداسين، بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ اضافي سان مهانگائي ۾ اضافو ٿيندو ۽ صنعتن جو ڦيٿو به سست رفتاري جو شڪار ٿيندو، آءِ ايم ايف چاهي ٿو ته ادارن ۾ فوري سڌارا ڪيا وڃن، آءِ ايم ايف کي ٽيڪس وصولين جو متبادل پلان ڏنو ويو آهي، زرعي ملڪ هجڻ باوجود پاڪستان خوراڪ جي شين جي کوٽ وارو ملڪ بڻجي ويو آهي، هن چيو ته آءِ ايم ايف کان قرض جي ايندڙ قسط جي فراهمي دير جو شڪار ٿي آهي، هن چيو ته اسان غريبن تي بار نه ٿا وجهي سگهون، آءِ ايم ايف پاڪستان جي معيشت جو سيپٽمبر ۾ جائزو وٺندو، هن چيو ته ايندڙ سال گردشي قرضن ۾ اضافو نه ٿيندو، بجلي جو گردشي قرض 23 سئو ارب تائين پهچي ويو آهي، ايف بي آر جو ڪردار هراسمينٽ جو آهي، هن چيو ته 75 لک ٽيڪس نه ڏيندڙن جا تفصيل هٿ ڪيا آهن، فنانس بل ۾ ايف بي آر کي گرفتاري ڪرڻ جو تجويز ٿيل اختيار ختم ڪيو ويندو جنهن لاءِ وزير قانون کي چيو آهي، ايف بي آر جا ڌمڪائڻ وارا اختيار ختم ڪنداسين، گرفتاري جو فيصلو ناڻي وزير جي سطح تي ٿيندو، جڏهن ته سينيٽ جي ناڻي ڪاميٽي جي اجلاس دوران فنانس بل جي صفحي نمبر 39 تي غور دوران ڪاميٽي جي ميمبرن جي مٿي تي هٿ اچي ويا، حڪومت جي دعوائن جي ابتڙ فنانس بل ۾ مرغي جي فيڊ تي سيلز ٽيڪس، پولٽري فارم جي مشينري، ٻارڙن جي کير، پيڪيٽ ۾ بند مکڻ، صنعتي پلانٽ ۽ مشينري، گيهه، ٻج تي سيلز ٽيڪس جي شرح وڌائي 17 سيڪڙو ڪرڻ جون تجويزون موجود هيون، جنهن تي ق ليگ جي ڪامل علي آغا چيو ته ٻارن کي ڊٻي وارو کير ڊاڪٽر لکي ڏيندا آهن، فنانس بل ۾ درجنن جي حساب سان شين تي ٽيڪس تجويزون حڪومتي ڳالهين جي ابتڙ لڳايون ويون آهن، شيري رحمان چيو ته جهاز جي پرزن تي ٽيڪس لڳائڻ سان پي آءِ اي جو ٻيڙو غرق ٿيندو، سعديه عباسي چيو ته فون تي سيلز ٽيڪس 17 سيڪڙو ڪرڻ سان ڪنهن غريب جي نياڻي جي شادي نه ٿي سگهندي.