اپوزيشن جي ڌرڻي يا لانگ مارچ سان ڪجهه نه ٿيندو: شيخ رشيد

0
222
اپوزيشن جي ڌرڻي يا

راولپنڊي (ڊيسڪ رپورٽ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اپوزيشن جي ڌرڻي يا لانگ مارچ سان ڪجهه نه ٿيندو،اپوزيشن پنهنجو شوق پورو ڪري، پر کين ناڪامي ملندي

ميڊيا سان ڳالھائيندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته بلاول 27 فيبروري يا ٻيا 23 مارچ تي اچن، اُن سان ڪوبه فرق نه پوندو،وزيراعظم ايمرجنسي يا صدارتي نظام جو ڪوبه ذڪر ناهي ڪيو، آءِ ايم ايف وٽ شوق نه، پر مجبوري ۾ ويا آهيون

راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته امريڪا سُپر پاور آهي، اُن سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا، چين آزمايل دوست آهي، ائين ناهي ته هڪ کي خوش ڪرڻ لاءِ ٻئي کي ناراض ڪريون

ھي به پڙھندا

پنجاب جي عوام ساٿ ڏنو ته عمران خان کي لڪڻ جي جاءِ نه ملندي: بلاول ڀٽو زرداري