عرب اتحاد جي ڪارروائي، 80 ويڙهاڪ مارڻ جي دعويٰ

0
206
عرب اتحاد جي ڪارروائي

ڪراچي  (م ڊ) گڏيل عرب امارت يمن ۾ حوثي باغين جي بيلسٽڪ ميزائل حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، يو اي اي جي بچاءَ واري وزارت موجب فضا ۾ تباهه ٿيل ميزائل جو ملبو اڻ آباد علائقي ۾ ڪري پيو ۽ خوش قسمتي سان ڪو به جاني نقصان نه ٿيو

ٻئي طرف عرب فوجي اتحاد 24 ڪلاڪن ۾ حوثي باغين جي مضبوط ٺڪاڻن تي 25 ٽارگيٽيڊ حملا ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، عرب ليگ پڻ 11 حوثي باغين جي گاڏين ۽ 80 کان وڌيڪ ويڙهاڪن کي مارڻ جي به دعويٰ ڪئي آهي