مٺي: اٺن جي ڊوڙ ۾ پهريون نمبر انور حجام ۽ ٻيون نمبر سومار نهڙي جي اٺن حاصل ڪيو ٻئي طرف ٽن ڏينهن مقابلن جي سوڀارن کي انعامن جي اعزاز سان نوازڻ واري تقريب اڄ آچر ڏينهن 2 وڳي شهيد بي نظير ڀٽو ڪلچرل ڪامپليڪس ۾ رکي ويئي آھي جتي ڪامياب خوش ۾نصيبن جي نالن جو  اعلان ڪيو ويندو ۽ اعلانيل انعام کين ڏنا ويندا