قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ويجهو سيد ڍڀڙو شاهه جو ميلو جاري آهي ملاکڙي دوران ملهه پهلوانن زور آزمائي واهه واهه ڪرائي ڇڏي. پهرين جوڙ ۾ ڪوئٽا جي پهلوان حليم پٺاڻ قربان انڙ کي ٻئي ملهون ماريون ۽ پهلوان صفدر عالماڻي کي ٻي ملهه ماري انعام حاصل ڪيو. جڏهن ته ممتاز سوهو علي مراد زرداري کي ملهه ماري انعام حاصل ڪيو اڄ آخري ڌمال تي پهرين جوڙ ۾ فائينل کٽيندڙ پهلوان لاءِ 50 هزار رپيا انعام رکيو ويو آهي.