مٺي: ملاکڙي ۾ به شاندار مقابلا ٿيا، ملهه پهلوانن اندريون، ٻاهريون، جانٺا، قنچيون، ٻلهڻ ڏئي ويٺلن کي داد ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ملاکڙي ۾ پهرين جوڙ جو مقابلو  عمرڪوٽ ضلعي جي پهلوان لالا رحيم پٺاڻ کٽي ورتو، ٻئي جوڙ ۾ ٿر جي پهلوان ڀوڄو ڀيل ۽ ٽئين جوڙ ۾ ٿر جي پهلوان نصرالله شيدي مقابلا کٽي انعام حاصل ڪيا.