ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ڊفينس ۾ واقع عيمار ٽاور تان ڪري فوت ٿيل نوجوان عادل مسعود واري ڪيس ۾ پوليس پاران گرفتار ڪيل سندس دوستن محمد عمار، عثمان، اويس عزيز، احمد جميل ۽ خضر اڪبر سميت ڇهن جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته ڪيس جاچ جي مرحلي ۾ آهي تنهن ڪري جوابدارن کي ضمانت نٿي ڏئي سگهجي. ان موقعي تي سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار مقتول جي بالڪوني مان هيٺ ڪرڻ بعد کيس ڇڏي فرار ٿي ويا هئا، جوابدارن جو اهڙو عمل بدنيتي تي ٻڌل آهي. سرڪاري وڪيل موجب پوليس ڪيس ۾ قتل جا قلم شامل ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ڪري عدالت کي گذارش آهي ته جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي وڃي. سرڪاري وڪيل موجب ڄاڻايل فليٽ مان چرس ۽ نشي واريون ٻيون شيون هٿ ڪيون ويون. ان موقعي تي جوابدارن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته جوابدار مقتول جي دوست ۽ بيڏوهي آهن کين ڪوڙي ڪيس ۾ ملوث ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته 31 جولاءِ تي نوجوان عادل مسعود  ٽاور جي بالڪوني مان هيٺ ڪري فوت ٿي ويو هو. پوليس مقتول جي ڀيڻ ورده مسعود جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو آهي.