پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل مان اغوا ٿيل نينگر جو پتو نه پئجي سگهيو، پوليس تعلقي اسپتال مان  ايمبولينس ڊرائيور ۽ سندس گھر واريءَ کي شڪ جي بيناد تي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. جاچ لاءِ پھريان به ڪيترن ئي ماڻھن کي گرفتار ڪري بعد ۾ ڇڏيو ويو. خبر موجب پنوعاقل تعلقي اسپتال مان مبينا طور اغوا ٿي ويل نينگر عزير انڍڙ بازياب نه ٿي سگھيو. پوليس پاران ٻڌڇوڙ جاري آھي. ذريعن موجب جاچ جي سلسلي ۾ پوليس هيستائين تائين 15 کان وڌيڪ ماڻھن کي گرفتار ڪري ڏيتي ليتي عيوض ڇڏي ڏنو. اھڙي طرح ڪالھه به پوليس ڪارروائي ڪندي تعلقي اسپتال جي ايمبولينس ڊرائيور مير حسن چاچڙ ۽ سندس گھرواريءَ کي حراست ۾ ورتو آھي.