مٺي (رپورٽر) مٺي جي عدالت پي ٽي آءِ جي صوبائي ۽ مقامي 12 اڳواڻن کي پوليس سان جهيڙي، ڊيوٽي اٽڪاءَ ۽ هنگامي واري ڪيس مان باعزت بري ڪري ڇڏيو، ايڊيشنل سيشن جج مٺي جي عدالت ٻڌڻي دوران ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي پي ٽي آءِ جي اڳواڻن وڪيل لجپت سوراڻي، ڪامريڊ گومون ڀيل، پرشوتم سوراڻي سميت 12 ڪارڪنن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو، واضع رهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي سندن گهرن تي چڙھايون ڪري گرفتاري بعد مٺي پوليس پاران سرڪاري فرياد تي ڊيوٽي اٽڪاءَ، پوليس سان جهيڙي ۽ هنگامي جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، اڳواڻن چيو ته پوليس ونگاري بڻجي اسان مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو، عدالت جي فيصلي سان حق سچ جي فتح ٿي آھي،