قمبر (رپورٽر) قمبر شھدادڪوٽ ضلعي ۾ برساتن ۽ بلوچستان کان آيل پاڻي جي تيز وهڪرن سبب قمبر ضلعي ۾ ايف پي بچاءُ بند کي چکي پل، ڳوٺ ميرپور ٻرڙو، زيرو پوائنٽ، ڳوٺ صابو ٻرڙو ڀرسان گهارا پئجي ويا هئا، جنهن سبب کيرٿر جي جابلو پٽي واري نيئن جي پاڻي سميت بلوچستان کان آيل پاڻي جي وهڪرن حمل ڍنڍ ڏانهن وڃڻ بدران  آبادي وارن  ميداني علائقن جو رخ ڪيو هو، سم نالن کي لڳل گهارن ۽ ايف پي بچاءُ بند جو پاڻي قمبر جي اولهه واري پاسي کان 40 کان 50 ڪلوميٽرن تائين ميداني علائقن ۾ پکڙيل آھي، پاڻي  ۾ هاڻ ڪجھه لاٿ ته آئي آھي تنهن باوجود پاڻي کي رستو ڏيڻ لاءِ مختلف روڊن رستن کي ڏنل ڪٽن مان  پاڻي جو وهڪرو جاري آھي ان سلسلي ۾ بلوچستان سميت قبوسعيد خان، شھدادڪوٽ کان زميني رستي ايندڙ پاڻي کي قمبر جي اولهه طرف کان جاگير جي علائقي جي ڳوٺن پهنوارو ۽ بٺي لشڪر خان ڀرسان روڊ کي مختلف  6 هنڌن کان ڪٽ ڏنا ويا هئا، جنهن مان 3 هفتا گذرڻ باوجود 5 کان 6 فوٽن تائين پاڻي جا وهڪرا جاري آھن،  پاڻي قمبر جي اتر طرف وارهه، گاجي کهاوڙ، نصيرآباد، خيرپور ناٿن شاهه، ميهڙ ۽ دادو ڏانهن تيزي سان وڃي رهيو آھي، جڏھن ته حمل ڍنڍ ۾ پاڻي جي تمام گهڻي لاٿ اچي وئي آھي، جڏھن ته ايريگيشن، واپڊا اسڪارپ کاتي سميت انتظاميا  طرفان ايف پي بچاءُ بند ۽ سم نالن کي لڳل گهارن کي بند ڪرڻ جون  ڪي به ڪوششون نه ورتيون آھن، ان سلسلي ۾ زيرو پوائنٽ ڀرسان ايف پي بچاءُ بند جي ڪپرن ۽ سم نالن مٿان ويٺل علائقي واسين قربان چانڊيو، گداحسين ميرجت، فرمان علي ۽ ٻين چيو ته برساتي ٻوڏ سبب ڳوٺ ٻڏي ويا، فصل ختم ٿي ويو،   قرضي بڻجي ويا آھيون، هاڻ سرڪار ۽ چونڊيل نمائندا  اسان تي رحم ڪري بچاءُ بند ۽ سم نالن کي لڳل گهارا بند ڪرائن، هنن چيو ته جيڪڏھن گهارا بند نه ٿيا ته ڳوٺن مان 6 مهينن تائين پاڻي نه ويندو،هنن چيو ته  روڊن رستن کي ڪٽ هڻڻ سبب قمبر جي غيبي ديرو واري ڪاڇي جي ڳوٺن سميت سوين ڳوٺن جو قمبر سان زميني رستو ڪٽيل آھي، جنهن سبب علائقن ۾ کاڌ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.