ملير(رپورٽ: ناز شر) ملير ۾ وڏيري پاران ڪيل راڄوڻي فيصلي هيٺ پاڙيسري سان فون تي ڳالهائيندڙ  عورت جي تذليل: معصوم ڌيءَ کسي وئي: ڪيس داخل: ناري جومڙس ۽ سهرو گرفتار، ان ڏس ۾ ملير جي ريڙهي ڳوٺ واسي ايوب پنهنجي زال سڪينا مٿان پاڙيسري نوجوان ايوب لکيو سان فون تي ڳالهائڻ جو الزام مڙهيو، ايوب پاران مامرو وڏيري تائين پهچائڻ بعد راڄوڻي فيصلي ۾ ناري سڪينا جي مٿي جا اڌ وار ڪٽي سندس ڏيڍ سال جي ڌيءَ کسي مڙس کي ڏياري وئي، ٻئي طرف ناري سڪينا جي والد سکڻ ٿاڻي تي ڳوٺ جي وڏيري، هڪ عورت، ناري جي مڙس ۽سهري خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي، پوليس موجب  ناري جي پيءِ ٻڌايو ته مون پنهنجي ڌيءِ سڪينا جي 3 سال اڳ ايوب پٽ موسيٰ سان شادي ڪرائي هئي، ڪالهه سڪينا پيڪن ۾ پهچي روئندي ٻڌايو ته سندس سس امينا، سهرو موسيٰ ۽ مڙس ايوب مون تي سخت تشدد ڪرڻ بعد وڏيري هارون ڄاموٽ جي اوطاق تي وٺي ويا، جتي پاڙيسري نوجوان ايوب لکيو ۽ سندس وارث  موجود هئا ،جتي منهنجي سُهري، مڙس ۽ سس وڏيري سامهون مون تي ايوب سان غلط لاڳاپن  جو الزام مڙهيو، مون صفائي ڏيڻ جي ڪوشش ڏني پر منهنجي هڪ به نه ٻڌي وئي، وڏيري راڄوڻو فيصلو ڪندي هڪ عورت مريم کي گُهرائي پنهنجي ۽ ساٿين جي موجودگي ۾ منهنجي مٿي جا اڌ وار ڪٽرايا، وڏيري جي هدايت تي  الزام هيٺ آيل ايوب جي مٿي جا اڌ وار، اڌ مڇون  ۽ ڀرون پڻ ڪوڙائي ڇڏيو،  وڏيري منهنجي تذليل ڪرائڻ بعد ڏيڍ سال جي ڌيءِ سعيده کسي ساهرن حوالي ڪري ڇڏي، هوڏانهن سکن پوليس ناري جي مڙس ايوب ۽ سهري موسيٰ کي گرفتار ڪري معصوم ٻارڙيءِ  بازياب ڪرائي ماءَ حوالي ڪري ڇڏي، آخري اطلاعن موجب ڪيس ۾ نامزد وڏيرو هارون ۽ سندس ساٿي عورت مريم گرفتار نه ٿي سگهيا هئا