اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري چودڳي ڀرسان سرڪاري ايليمنٽري هاءِ اسڪول محمد خان شر ۾ قائم رليف ڪئمپ۾ ترسيل برسات متاثرن کي 23 سيپٽمبر تائين اسڪول خالي ڪرڻ جو حڪم، ليٽر جاري ٿيڻ بعد ڪئمپ۾ ترسيل برسات متاثرن ۾ ڳڻتيءَ جي لهر پکڙجي ويئي. ان سلسلي ۾ تعلقي ايجوڪيشن آفيسر منير احمد راڄپر جي سربراهيءَ هيٺ ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ ان حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو. اسڪول هيڊ ماستر موجب ڪئمپ ۾ ترسيل برسات متاثر ڳوٺاڻا اسڪول خالي ڪرڻ تي راضي ٿيا آهن ۽ ڇنڇر تي تدريسي عمل شروع ڪيو ويندو. واضح هجي ته ڳوٺ خان محمد شر، ڳوٺ محمد خان شر، امام بخش شر سميت آس پاس جي علائقن جا 50 کان وڌيڪ ڳوٺاڻا گهر ڊهڻ ۽ 5 فوٽ برساتي پاڻي بيهڻ بعد سرڪاري ڪئمپ ۾ ترسيل آهن. ڪئمپ ۾ ترسيل برسات متاثرن امان الله، محبوب الاهي، عابد شر ۽ ٻين ٻڌايو ته ڊٿل گهرن ۾ 4 فوٽ پاڻي بيٺل آهي، اسڪول ڪئمپ مان اٿاريو ويو ته ڪيڏانهن وينداسين. ڪٿي متبادل جاءِ جو بندوبست ناهي ڪيو ويو. هنن مطالبو ڪيو ته ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.