سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ شھمير راھو لنڪ روڊ تي لوڊر رڪشا کي ڪار جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ رڪشا سوار 36 ورھين جو ليمون سولنگي ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته هڪ ڄڻو ارباب سولنگي سخت زخمي ٿي پيو، فوتي جو لاش ۽ زخمي کي تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته ٻوڏ متاثر راشن وٺڻ وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو، فوتي جو لاش ضروري ڪاروائي بعد واثن حوالي ڪيو ويو،