ايف آءِ اي وزيراعظم جي پٽ کي عدالت آڏو بي گناهه قرار ڏئي ڇڏيو

0
167
ايف آءِ اي وزيراعظم جي

لاهور: ايف آءِ اي وزيراعظم جي پٽ کي عدالت آڏو بي گناهه قرار ڏئي ڇڏيو آهي، لاهور جي اسپيشل جج سينٽرل جي عدالت ۾ ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي پاران سليمان شهباز ۽ شريڪ جوابدار طاهر نقوي بابت عبوري چالان پيش ڪيو ويو

 چالان ۾ چيو ويو ته جوابدارن خلاف مني لانڊرنگ ۽ ڪڪ بيڪس جون شاهديون نه مليون آهن، سليمان شهباز عبوري ضمانت جو مدو پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ٿيو

سليمان شهباز جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس جي چالان ۾ سليمان شهباز کي بي گناهه قرار ڏنو ويو  آهي، سليمان شهباز ۽ طاهر نقوي  ضمانت واري درخواست واپس وٺڻ چاهين ٿا

عدالت ايف آءِ اي کي مجاز اٿارٽي جي منظوري بعد ضمني چالان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻي 4 فيبروري تائين  ملتوي ڪئي وئي آهي

هي به پڙهندا

رياست جي رٽ چئلينج ڪندڙ دهشتگردن کي چِٿي ڇڏينداسين:وزيراعظم