رياست جي رٽ چئلينج ڪندڙ دهشتگردن کي چِٿي ڇڏينداسين:وزيراعظم

0
200

رياست جي رٽ چئلينج ڪندڙ
اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته رياست  جي رٽ چئلينج ڪندڙ دهشتگردن کي چِٿي ڇڏينداسين، قومي سلامتي ڪميٽي ڊگهي مشاورت بعد وڏا فيصلا ڪيا آهن

ٽوئيٽ بيان وزيراعظم چيو ته رياست رٽ چئلينج ڪندڙ دهشتگردن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي ورجائيندي، اقتصادي روڊ ميپ سان معيشت بحال ٿيندي ۽ عوام کي وڏو رليف ملندو

گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا هئا

ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اڄ وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس ٿي رهيو آهي، اجلاس ۾ امن امان جي صورتحال سميت 4 نڪاتي ايجنڊائن تي غور ويچار ٿيندو

ذريعن موجب اجلاس ۾ڪابينا 20 دوائن جي اگهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏيندي، گذريل ڏينهن قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن بابت ڪابينا کي اعتماد ۾ پڻ ورتو ويندو

هي به پڙهندا

قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪي سلامتي بابت اهم فيصلا