چپ ويهنداسين، اوهان جي سوچ آهي: عادل راجا جي الزامن تي اداڪارائن جو شديد رد عمل

0
260
چپ ويهنداسين، اوهان جي سوچ آهي

ميجر (ر) عادل راجا جي اڻوڻندڙ الزامن تي پاڪستاني اداڪاره ڪبريٰ خان شديد رد عمل جو اظهار ڪندي ڪيس داخل ڪرڻ جي حوالي سان خبردار ڪري ڇڏيو آهي

تازو ئي عادل راجا سوشل ميڊيا تي جاري وي لاگ ۾ پاڪستان جي ٽاپ ماڊلز ۽ اداڪارائن تي سنگين الزام عائد ڪيا هئا ۽ ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي هئي ته هڪ اداري وٽ انهن ماڊلز ۽ اداڪارائن جون اڻوڻندڙ وڊيوز به موجود آهن

عادل راجا پنهنجي وي لاگ ۾ اداڪارائن جا نالا کڻڻ بنا انهن جي نالن جي شروعات وارا لفظ ٻڌايا هئا، جن ۾ ايم ايڇ، ايم ڪي، ڪي ڪي، ايس اي شامل هئا

ان کانپوءِ پاڪستاني اداڪارائن جي طرفان ميجر (ر) عادل راجا جي الزامن تي شديد رد عمل جو اظهار ڏسڻ ۾ آيو آهي، اداڪاره ڪبريٰ خان انسٽاگرام اسٽوري شيئر ڪئي، جنهن ۾ لکيل هو ته مان شروع ۾ خاموش رهيس، ڇو ته هڪ فيڪ وڊيو منهنجي وجود کي نٿي مٽائي سگهي پر هاڻ بس گهڻو ٿي ويو آهي، اوهان کي لڳ ٿو ته ڪو به شخص مون تي ايئن آڱر کڻندو ۽ مان چپ ويهنديس ته اوهان جي پنهنجي سوچ آهي، بهر الحال مسٽر عادل راجا جڏهن اوهان ڪنهن انسان تي الزام لڳايو ته پهرين اوهان وٽ ثبوت هجڻ گهرجي

ڪبريٰ خان پنهنجي اسٽوري ۾ لکيو ته اوهان وٽ ثبوت سامهون آڻڻ جي لاءِ صرف 3 ڏينهن آهن، جس جي لاءِ اوهان حق ۽ سچ جي دعويٰ ڪئي آهي، جيڪڏهن ته ايئن نه ڪيو ته اوهان پنهنجو بيان واپس وٺو ۽ عوام جي سامهون معافي وٺو، نه ته اوهان جي خلاف ڪيس ڪنديس ۽ مان صرف پاڪستاني ئي نه پر برطانوي شهري به آهيان ۽ مان اتي به توهان جو پيڇو ڪنديس ۽ آئون سچ تي آهيان، مان ڪنهن کان نٿي ڊڄان

 

ٻئي پاسي عادل راجا  جا الزام سامهون اچڻ تي مهوش حيات به ٽوئٽ ۾ لکيو آهي ته سستي شهريت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه ماڻهو انسانيت جي درجي کان به ڪري پوندا آهن ۽ اميد آهي ته اوهان پنهنجي 2 منٽن جي شهرت کان لطف اندوز ٿيا هوندا، ڇو ته مان اداڪارا آهيان، ان جو اهو مطلب ناهي ته منهنجو نالو مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو، اوهان کي پنهنجي بي بنياد الزامن تي شرم اچڻ گهرجي

 

ٻئي پاسي سجل علي غير تصديق ٿيل اڪائونٽ سان ٽوئٽ ڪيو ته افسوسناڪ آهي ته اسان جو ملڪ اخلاقي طور تي پستي جي طرف ۽ خراب ٿيندو پيو وڃي، ڪردار ڪشي انسانيت جو بدترين چڪرو ۽ گناهه آهي