متحده جِي ڌمڪي ڪم ڪري وَئـِي، وفاقي حڪومت جو وفد ٿوري دير ۾ ڪراچي پهچندو

0
189
متحده جِي ڌمڪي ڪم ڪري وَئـِي
متحده جِي ڌمڪي ڪم ڪري وَئـِي، وفاقي حڪومت جو وفد ٿوري دير ۾ ڪراچي پهچندو

ڪراچي: متحده جِي حڪومتي اتحاد کان ڌار ٿيڻ ۽ احتجاج واري ڌمڪي ڪم ڪري وَئـِي، وفاقي حڪومت جو وفد متحده ۽ پيپلز پارٽي سان ڳالهين لاءِ ٿوري دير ۾ ڪراچي پهچي رهيو آهي

وفد ۾ وفاقي وزير اياز صادق، خواجه آصف ۽ ٻيا وزير شامل آهن
حڪومتي وفد متحده سان ملاقات ڪري سندن خدشن ۽ مطالبن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو، متحده مڪاني چونڊن کان اڳ تڪبنديون نه ٿيڻ تي حڪمران اتحاد کان ڌار ٿيڻ ۽ احتجاج جي ڌمڪي ڏني هئي
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم پنهنجي رويي ۾ نرمي نه آندي آهي، متحده فيصلو ڪيو آهي ته مڪاني چونڊن کان اڳ تڪبندين واري مطالبي تان ڪنهن به صورت ۾ هٿ نه کنيو ويندو
متحده طرفان خدشا ختم نه ٿيڻ جي صورت ۾ حڪومت سان اتحاد جاري رکڻ کان معذرت جا به امڪان آهن

هن کي به پڙهندا

جنرل باجوه کي ڪڏهن به ايڪسٽينشن نه ڏيڻ گهرجي ها: عمران خان

قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪي سلامتي بابت اهم فيصلا

ن ليگ نمبرز پورا ڪرڻ ۾ ناڪام، پنجاب جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ واپس

مان پاڻ نٿو ڄاڻان ته ڪيئن وڏو وزير بڻجي ويس: پرويز الاهي

سنڌ ۾ پيپلزپارٽي کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ ايس يو پي ۽ جي ڊي اي اتحاد ڪري ورتو