ن ليگ نمبرز پورا ڪرڻ ۾ ناڪام، پنجاب جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ واپس

0
218
ن ليگ نمبرز پورا ڪرڻ ۾ ناڪام
ن ليگ نمبرز پورا ڪرڻ ۾ ناڪام، پنجاب جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ واپس

پاڪستان مسلم ليگ (ن) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر سبطين خان ۽ ڊپٽي اسپيڪر واثق قيوم خلاف بي اعتمادي رٿ واپس وٺي ڇڏي
ذريعن موجب ن ليگ پنجاب اسيمبلي ۾ نمبرز پورا نه هُجڻ سبب اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ واپس ورتي آهي
واضح رهي ته مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي جماعتن ڪجهه ڏينهن اڳ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي هئي
اپوزيشن اتحاد اڳ ئي پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي خلاف بي اعتمادي واري رٿ واپس وٺي چڪو آهي، ٻئي پاسي پنجاب اسيمبلي جو اجلاس 9 جنوري تي طلب ڪيو ويو آهي

هن کي به پڙهندا

سنڌ ۾ پيپلزپارٽي کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ ايس يو پي ۽ جي ڊي اي اتحاد ڪري ورتو

متحده معاهدي تحت حڪومت ۾ شامل ٿي، متحده جي ڌڙن کي گڏائڻ جي ڪوشش ڪريان پيو: گورنر سنڌ