متحده معاهدي تحت حڪومت ۾ شامل ٿي، متحده جي ڌڙن کي گڏائڻ جي ڪوشش ڪريان پيو: گورنر سنڌ

0
215

لاهور: گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري چيو آهي ته روشنين جو شهر ڏوهارين جو شهر بڻجندو پيو وڃي، اسان ڪراچي کي ڏوهارين حوالي ٿيڻ نه ڏينداسين

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مسنگ پرسنز جي بازيابي اسان جو سڀ کان وڏو مطالبو آهي

هن چيو ته ايم ڪيو ايم لکت ۾ معاهدي تحت حڪومت ۾ شامل آهي، ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته متحدا جي سڀني ڌڙن کي گڏائي وٺان

گورنر سنڌ چيو ته هي وقت سياست جو نه پر صوبي جي ترقي لاءِ سوچڻ جو آهي

ايم ڪيو ايم جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت جو وفد اڄ بهادر آباد پهچندو

جڏهن ته مڪاني چونڊن ۽ تڪ بندين تي ايم ڪيو ايم جي خدشن بابت ڳالهين لاءِ وفاقي حڪومت ۾ شامل اتحادي جماعتن جو وفد اڄ ڪراچي پهچندو

 ذريعن جو چوڻ آهي ته وفد ۾ وفاقي وزير اياز صادق، خواجا سعد رفيق ۽ ٻيا شامل هوندا، اتحادي جماعتن جو وفد ايم ڪيو ايم جي خدشن بابت آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪندو

 اتحادي وفد ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان به ملاقات ڪري خدشا ختم ڪرڻ بابت اعتماد ۾ وٺندو

هي به پڙهندا

نئين سال جي آمد:گورنر ڪامران ٽيسوري تي جوتو اڇلايو ويو