فيفا ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندڙ مديحه ناز کي مڃتا طور شاهه جو رسالو ڏنو ويو

0
563
فيفا ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندڙ

ٺٽو ( رپورٽر ) سنڌ ڪلچرل فورم (عورتاڻي شاخ طرفان فيفا ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪري پاڪستان  جي پھرين شاگردياڻيءَ جو اعزاز ماڻيندڙ سنڌ (ٺٽي) جي شاگردياڻي مديحه ناز جاکرو کي مڃتا ڏيڻ  لاءِ تقريب ڪوٺائي کيس مڃتا طور شاھ رسالو ڏنو ويو

جڏهن ان موقعي تي  سنڌ ڪلچرل جي اڳواڻ صادق لاکو چيو ته مديحه ناز جاکرو جنھن مقام تي اڄ پھتي آھي ان ۾ سندس والدين ۽ استادن جو اھم ڪردار آھي

جڏهن ته تقريب جي مک مھمان مديحه ناز جاکرو پاڻ ڳالهائيندي چيو ته مان اڄ  جنھن منزل تي آھيان ان جو سڄو ڪريڊٽ منهنجي والد ڏانهن وڃي ٿو جنھن سماج جي اجاين ريتن رسمن کي ٽوڙي، ماڻھن جي طعنن ۽ تنقيد جي پرواهه نه ڪندي مونکي تعليم ڏياري ۽ پنھنجي پسند مطابق راندين کيڏڻ جي ھمٿ افزائي ڪئي ۽ ھر موڙ تي اتساهه بخشيو

ھن چيو ته سنڌ ڪلچرل فورم جي ڀينرن ۽ ڀائرن جي مان ٿورائتي آھيان جن  منهنجي ھمٿ افزائي ڪندي لطيف سرڪار جو رسالو مڃتا ايوارڊ طور ڏئي وڌيڪ اڳتي وڌڻ ۽ جستجو ڪرڻ جو حوصلو بخشيو آهي

هي به پڙهندا

فيفا فٽبال ٽورنامينٽ تقريبن ۾ شرڪت بعد ٺٽي پهتل رانديگرياڻي جي شاندار آجيان