حيدرآباد: ڊاڪٽر رجب ميمڻ جي لاڏاڻي سبب سنڌ جي سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي حلقن ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي. سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪري سرگرميون معطل ڪيون ويون آهن. ڊاڪٽر قادر مگسي سميت مرڪزي قيادت، قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو، سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري، سماج سڌارڪ ذوالفقار هاليپوٽو ۽ ٻين ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ جي انتقال تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.