حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ناميارو تعليمي ماهر، استاد، زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو اڳوڻو وائيس چانسلر ۽ سنڌ دوست ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ 77 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ ٻن سالن کان ڪينسر جي مرض سان جهيڙي رهيو هو ۽ هن لاهور جي هڪ اسپتال ۾ علاج دوران دم ڌڻي حوالي ڪيو. سندس مڙهه کي لاهور مان حيدرآباد منتقل ڪري اڄ گلستان سجاد واري قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ 5 اپريل 1944ع تي سجاول ضلعي جي دڙو شهر ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي شهر مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ جي امتحان حيدرآباد جي تاريخي نور محمد هاءِ اسڪول مان پاس ڪيو. هن ان وقت ۾ زرعي ڪاليج ٽنڊو ڄام مان فرسٽ ايئر ۽ انٽر جو امتحان پاس ڪري ساڳئي ڪاليج معرفت سنڌ يونيورسٽي مان گريجوئشن جي ڊگري حاصل ڪئي. هو 1966ع ڌاري زرعي ڪاليج جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ بعد ۾ هن 1983ع ڌاري يو ايس اي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي جنهن کانپوءِ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ ايگريڪلچر ايڪسٽينشن ڊپارٽمينٽ قائم ڪري کيس ان ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. کيس 89-1988ع ڌاري سوشل سائنس فئڪلٽي جو ڊين به مقرر ڪيو ويو. هو 1994ع ۾ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو ۽ 2004ع ۾ زرعي يونيورسٽي مان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ سنڌ دوست شخصيت طور سڃاتو وڃي ٿو. هن عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجو سان گڏجي عوامي تحريڪ جو بنياد وڌو ۽ ان جماعت جو هو بنيادي سيڪريٽري به مقرر ٿيو. رٽائرمينٽ کانپوءِ ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ شامل ٿيو ۽ ان جو سينيئر وائيس چيئرمين به رهيو. هن 2013ع وارين عام چونڊن ۾ تعلقي ٻهراڙي ۽ قاسم آباد تي مشتمل قومي اسيمبلي جي تڪ تي ايم اين اي جي چونڊ به وڙهي. کيس 10 جماعتي اتحاد جي حمايت حاصل هئي. ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ 2 سال اڳ ڪينسر ۾ مبتلا ٿيو جنهن کانپوءِ هو سياسي ۽ سماجي سرگرمين کان ڪنڊائتو ٿي ويو. هن سنڌ جي اقتصادي، زرعي، معاشي ۽ سياسي مسئلن تي ڪيترائي رسرچ پيپر به لکيا. هن 2 شاديون ڪيون. کيس پهرين گهرواري مان ذوالفقار علي ۽ حبدار علي ميمڻ نالي 2 پٽ ۽ 2 نياڻيون ٿيون. سندس فرزند حبدار علي انتقال ڪري ويو آهي. ٻي گهرواري مان کيس ڊاڪٽر ارسلان علي ميمڻ، علي عمران ميمڻ ۽ زوهيب ميمڻ نالي فرزند آهن. سندس ٻي گهرواري 2018ع ۾ انتقال ڪري وئي هئي.