حيدرآباد: ايڇ ايم سي پاران به لطيف آباد ۾ ٽرانسفارمر ڌماڪي ۾ 7 ڄڻن جي فوت ٿيڻ بعد تحرڪ وٺندي سٽي توڙي لطيف آباد ۾ بجلي جي ٽرانسفارمرز ۽ ٿنڀن ڀرسان ۽ هيٺان ڪاروبار ڪندڙ شهرين کي متبادل هنڌ ڪاروبار ڪرڻ لاءِ گاڏين ذريعي پڙها گهمايا ويا. ايڇ ايم سي عملي شهرين کي پابند ڪيو آهي ته هو فوتي طور تي ٽرانسفارمرز هيٺان هلندڙ ڪاروبار بند ڪن ٻي صورت ۾ سندن خلاف ڪارروائي ڪرڻ سان گڏ ريڙهن توڙي مانڊڻين ۾ پيل سمورو سامان به ضبط ڪيو ويندو.