حيدرآباد: لطيف آباد ۾ ٽرانسفارمر ڌماڪي ۾ سڙي فوت ۽ زخمي ٿيل جي وارثن وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو ڪيس حيسڪو چيف، ايڪسين لطيف آباد ۽ رضوي سب ڊويزن جي ايس ڊي او خلاف داخل ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن شرافت يار خان، انوار حسين، شاهزيب قريشي، احمر قريشي، سماجي اڳواڻ محمد خالد قادري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته لطيف آباد سانحي جي فوتين جي وارثن کي 25-25 لک رپيا مالي امداد ۽ هڪ هڪ نوڪري ڏيڻ سان گڏ زخمين کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هنن چيو ته عيد جي ٻئي ڏينهن تي لطيف آباد 8 نمبر اڪبري مسجد ويجهو بجلي جو ٽرانسفارمر ڦاٽڻ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان باوجود حيسڪو اختيارين جون لاپرواهيون ۽ عوام سان زيادتيون جاري آهن. حيسڪو جو مينٽيننس (مرمت) وارو شعبو مڪمل غير فعال هئڻ سبب لاپرواهي جو ثبوت ڏئي رهيو آهي جڏهن ته لطيف آباد سميت قاسم آباد ۽ حيدرآباد شهر توڙي مختلف علائقن ۾ لڳل ٽرانسفارمر زبون حالي ۽ اوور لوڊ جو شڪار آهن. ايم اينڊ ٽي شعبي کي بار بار شڪايتون ڪرڻ ۽ اطلاع ڏيڻ باوجود ٽرانسفارمرن جي مرمت توڙي تارن جي تبديلي لاءِ ڪي به قدم نه ٿا کنيا وڃن. حيسڪو پاران لطيف آباد واقعي جي فوتين لاءِ اعلانيل ساڍا 7 لک رپيا ناڪافي آهن ان ڪري فوتين جي وارثن کي حيسڪو ۾ نوڪرين سميت معاوضو ادا ڪيو وڃي. ٻئي پاسي لطيف آباد ۾ ٽرانسفارمر ڌماڪي ۾ حيسڪو جي غفلت خلاف مختلف ڌرين پاران احتجاج جو سلسلو جاري آهي. سماجي اڳواڻ سميرا اشرف چيو آھي ته حيسڪو انتظاميا شھرين کي بجلي جي فراھمي ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آھي جڏھن ته سندن ناقص ڪارڪردگي سبب بجلي جا ٽرانسفارمر ڌماڪا ڏئي ڦاٽي رھيا آھن جنھن سان انساني جانيون ضايع پيون ٿين. ھن چيو ته لطيف آباد سانحي کان اڳ اسلام آباد چوڪ وٽ به بجلي جي ٽرانسفارمر کي ڌماڪي بعد باهه لڳي هئي جنهن دوران 3 نينگر سڙي فوت ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿيا هئا. ان واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ بعد ٻيهر لطيف آباد نمبر 8 ۾ انتظامي نااھلي سبب ٽرانسفارمر ڦاٽو . هنن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي ذميوار حيسڪو عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کين قانون موجب سزا ڏني وڃي ۽ فوتين جي وارثن جي مالي مدد سان گڏ کين نوڪرين ڏنيون وڃن.