ايس يو پي جو تڪراري ڊجيٽل آدمشماري خلاف سنڌ مارچ شروع

0
414
خدشن باوجود ڪا به سيڪيورٽي فراهم نه ڪئي وئي آهي:زين شاهه

سکر: ايس يو پي پاران تڪراري ڊجيٽل آدمشماري سميت سنڌ جي ٻرندڙن مسئلن جي حل لاءِ سکر کان ڪراچيءَ تائين اعلانيل سنڌ مارچ شروع ڪيو ويو آهي

ايس يو پي سربراهه زين شاهه جي اڳواڻي ۾ سکر جي هيمون ڪالاڻي چوڪ کان سنڌ مارچ جي شروعات ڪئي وئي،  شهرين مارچ ۾ شريڪ ماڻهن تي گلن جي ورکا ڪئي

زين شاهه چيو ته سنڌ کي ظالم حڪمرانن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ جاکوڙي رهيا آهيون، پرامن مهم ذريعي سنڌ واسين کي جاڳائڻ چاهيون ٿا

هن چيو ته جعلي آدمشماري ذريعي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن

هي به پڙهندا

ايندڙ سال ڪمند جو في مڻ اگهه 4 سئو روپيا ڪيو ويندو: آصف زرداري

مني بجيٽ: ملڪ ۾ مهانگائي جو وڏو طوفان اچڻ جو خدشو

وفاقي سرڪار پاران سڀاڻي مهانگائي سٽيل عوام تي پيٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون