وفاقي سرڪار پاران سڀاڻي مهانگائي سٽيل عوام تي پيٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون

0
273
پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي
حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو

وفاقي سرڪار مني بجيٽ پيش ڪرڻ کان اڳ مختلف شين جي خريداري تي سيلز ٽيڪس هڪ سيڪڙو وڌائي ڇڏي آهي

 ٽيڪس لڳائڻ جوڳين سمورين شين جي خريداري تي سيلز ٽيڪس 17 سيڪڙو مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪئي وئي، سيلز ٽيڪس ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو

نوٽيفڪيشن موجب دٻي ۾ بند سمورين شين تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ٿيندي، کاڄرو تيل، بسڪيٽ، جام، جيلي، ٻارن جا رانديڪا، ٽافيون ۽ چاڪليٽ مهانگا ٿي ويندا

عورتن جي ميڪ اپ جي سامان، شيمپو، ڪريم، لوشن، صابڻ، ٽوٿ پيسٽ ۽ ٻين شين تي به 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو

 شيونگ جو سامان، ڪمپيوٽر، ليپ ٽاپس، گيجٽس، موبائيل فون، سمارٽ فونز، آءِ پوڊز، ٽي وي ۽ ٻيون شيون به مهانگيون ٿي وينديون

 حڪومت پاران اڄ قومي اسيمبلي ۾ 170 ارب روپين جي مني بجيٽ به پيش ڪئي ويندي، آءِ ايم ايف جي شرطن تحت پيش ٿيندڙ مني بجيٽ جي منظوري سان ملڪ ۾ مهانگائي جو وڏو طوفان اچڻ جو خدشو آهي

وفاقي سرڪار پاران سڀاڻي مهانگائي سٽيل عوام تي پيٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن، ذريعن موجب حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 32 روپيا في لٽر اضافي جو فيصلو ڪيو آهي

 ڊيزل تي پيٽروليم ليوي ۾ به 10 روپيا في لٽر واڌ ڪرڻ جو فيصلو، واڳيل اختيارين ۽ صنعتي ذريعن موجب پيٽرول جي اگهه ۾ 12 ڏهائي 8 سيڪڙو اضافي سان پيٽرول 181 روپيا  87 پئسا في لٽر ٿي ويندو

 ڊيزل جي اگهن ۾ به 12 ڏهائي 8 سيڪڙو جي نئين اضافي سان ڊيزل في لٽر 295 روپيا 64 پئسا ٿي ويندو

هي به پڙهندا

مني بجيٽ: ملڪ ۾ مهانگائي جو وڏو طوفان اچڻ جو خدشو