سنڌ ۾ پهرين مارچ کان ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ جون تياريون مڪمل

0
382
سنڌ ۾ پهرين مارچ کان

اسلام آباد: سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ پهرين مارچ کان ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن

سنڌ ۾ آدمشماري جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو

ڊجيٽل آدمشماري پهرين مارچ کان پهرين اپريل تائين جاري رهندي، چيف سيڪريٽري چيو ته سنڌ جي 30 ضلعن ۾ 43 هزار 838 بلاڪس ٺاهيا ويا آهن

 ڊجيٽل آدمشماري ۽ گهر شماري دوران سمورين عمارتن جي جيو ٽيگنگ ڪئي ويندي، ڊجيٽل آدمشماري لاءِ ضلعي ۽ تعلقي سطح تي ڪميٽيون جوڙيون ويون

چيف سيڪريٽري سمورن ڪمشنرز کي صوبي جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ به ڊجيٽل آدمشماري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

 ڪمشنر شماريات رفيق احمد ٻرڙو ٻڌايو ته ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ لاءِ عملي کي 30 هزار ٽيبليٽس ڏنيون ويون آهن

هي به پڙهندا

ايس يو پي جو تڪراري ڊجيٽل آدمشماري خلاف سنڌ مارچ شروع