ڪشمور ڪنڌڪوٽ پوليس ايس ايڇ او گل محمد مهر سميت 3 ڄڻن کي اغوا ڪندڙ ڌاڙيلن خلاف آپريشن شروع ڪري ڏنو، ايس ايس پي عرفان سمون ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ايس ايڇ او ۽ سپاهي سميت 3 ڄڻن جي اغوا ۾ تيغاڻي گينگ ملوث آهي

هن چيو ته هن وقت سموري ضلعي جي پوليس تيغاڻي جي ڪچي ۾ آپريشن ڪري رهي آهي، ڌاڙيلن کي انتهائي سوڙهو ڪيو آهي تنهن ڪري هو اهڙيون ڪارروائيون ڪري رهيا آهن، ڪچي ۾ آخري ڏوهاري جي موجودگيءَ تائين آپريشن جاري رهندو، ايس ايڇ او سميت سمورن مغوين کي جلد بازياب ڪرايو ويندو

 گذريل ڏينهن ڪنڌڪوٽ ويجهو ايس ايڇ او ڪشمور گل محمد مهر علائقي واسين سان گڏ مغوين جي بازيابيءَ جون ڪوششون ڪري رهيو هو ته ڌاڙيلن کيس يرغمال بڻائي ورتو، ڌاڙيلن ايس ايڇ او گل محمد مهر، پوليس اهلڪار نبي داد منگي ۽ علائقي واسي سرور چاچڙ کي اغوا ڪيو هو