واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا جي ماهرن ايران جي ايٽمي پروگرام کي خطرناڪ قرار ڏيندي هڪ ڀيرو وري ڌمڪين واري سفارتڪاري شروع ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي جڏهن ته آمريڪا سعودي عرب ۽ نار جي ملڪن جي حفاظت يقيني بڻائڻ جو عزم ورجايو آهي. سعودي عرب ايران کي ايٽمي طاقت بڻجڻ کان روڪڻ وارين ڪوششن جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي. عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب آمريڪي صدر جو بائيڊن جي انتظاميا جي اعليٰ سطحي ماهرن صدر جو بائيڊن کان مطالبو ڪيو آهي ته ضرورت پوي ته ايران سان ٻيهر ڌمڪين واري سفارتڪاري شروع ڪئي وڃي، ايران جي ايٽمي پروگرام تي اڳڀرائي روڪڻ لاءِ واضح طور تي فوجي طاقت استعمال ڪرڻ جي تياري ڪئي وڃي. ايران ايٽمي معاملي ۾ ريڊ لائن پار ڪري ويو آهي. هن مرحلي تي عالمي فورمن جون مذمتي قراردادون، اضافي اقتصادي پابنديون ايران کي روڪڻ لاءِ ڪافي ناهن. ماهرن آمريڪا جي اتحادين ۽ پارٽنرز کي ۽ آمريڪي ٺڪاڻن ۽ اثاثن کي ڀرپور دفاعي صلاحيتون فراهم ڪرڻيون پونديون. ٻئي طرف وائٽ هائوس جي ترجمان چيو آهي ته آمريڪا سعودي عرب ۽ نار جي سلامتي جي حفاظت واري عزم تي قائم آهي. شام ۾ داعش جو مقابلو ڪرڻ لاءِ فوج برقرار رکنداسين. سينئر اهلڪار ٻڌايو ته ايران تي سموريون پابنديون برقرار آهن. اهي ايٽمي ٺاهه ۾ واپسي تائين ختم نه ڪيون وينديون. هوڏانهن عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي ۾ سعودي نمائندي شهزادي عبدالله بن خالد بن سلطان چيو آهي ته سعودي عرب ايراني ايٽمي معاهدي جي بحالي لاءِ ويانا ۾ جاري ڳالهين جو جائزو وٺي رهيو آهي، ايران جي ايٽمي هٿيارن کي روڪڻ لاءِ سمورين عالمي ڪوششن جي حمايت ڪريون ٿا. وقت ضايع ڪرڻ بدران اهڙو حل ڪڍيو وڃي جو خطي ۾ امن برقرار رکي سگهي. ايران کان به مطالبو آهي ته نٽ نٽاءُ ڇڏي ايٽمي پروگرام جون ڀڃڪڙيون روڪي.