اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس اڄ کان اسلام آباد ۾ شروع ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ افغانستان ۾ خراب ٿيندڙ انساني صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويندو، او آءِ سي جي غير معمولي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ مهمانن جي آمد جو سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن، مبصرن، پرڏيهي وزيرن، گڏيل قومن، بين الاقوامي مالياتي ادارن، آمريڪا، برطانيه، فرانس، چين، روس، جرمني ۽ اٽلي جا نمائندا به شرڪت ڪندا. او آءِ سي ۾ شرڪت لاءِ غيرملڪي نمائندن جي آمد جو سلسلو جاري آهي، ڪالهه او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پرڏيهي وزرت جي اسپيشل سيڪريٽري رضا بشير تارڙ، پرڏيهي وزارت جي ترجمان عاصم افتخار ۽ ٻين سينيئر عملدارن سان گڏ پارليامينٽ هائوس جو دورو ڪيو، ڪانفرنس هال، وفدن جي سهولت لاءِ جوڙيل ڪائونٽر، ميڊيڪل سينٽر، ميڊيا سينٽر ۽ مختلف ميٽنگ رومز جو به جائزو ورتو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته انتظامن تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي ميزباني ڪرڻ وڏو اعزاز سمجهون ٿا، وزيراعظم جي هدايتن تي مهمان پرڏيهي وزيرن ۽ وفدن کي سهولت ڏيڻ لاءِ هر ممڪن انتظام کي يقيني بڻايو ويو آهي، هن چيو ته افغانستان جي صورتحال جي پيش نظر ٿيندڙ پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جا مثبت نتيجا سامهون ايندا. هن چيو ته افغانستان جو عوام سخت ڏکيائين جو شڪار آهي، افغانستان ۾ انساني بحران پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ اهو ئي سبب آهي ته پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس دنيا جو ڌيان افغانستان ڏانهن ڇڪائڻ لاءِ ٿي رهي آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته جيڪي افغانستان جي زميني حقيقتن کان واقف آهن اهي چون ٿا ته بائيڊن انتظاميه کي پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته دنيا افغانستان جي معاملي تي غفلت نه ڏيکاري، اڄ سڄي دنيا مان پاڪستان جي موقف جي حمايت ۾ آواز اچو رهيو آهي، يورپي پارليامينٽ ميمبرز به چون ٿا ته افغانستان ۾ خوراڪ جي کوٽ کي ختم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان بابت اڳڀرائي نظر اچي رهي آهي، او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي غير معمولي ڪانفرنس تاريخي ثابت ٿيندي. هوڏانهن افغانستان جو نگران پرڏيهي وزير امير خان متقي وفد سميت پرڏيهي وزارت پهتو، جتي هن پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي، او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آيل ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير راشد ميرودوف به پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻطرفن تعلقات، علائقائي صورتحال سميت باهمي دلچسپي جي مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آمريڪا جو افغانستان بابت نمائندو ٿامس ويسٽ سوڌو وفد پهتو، ٿامس ويسٽ چيو ته طالبان سان سفارتڪاري ۾ افغان عوام هميشه پهرين ترجيحن ۾ شامل هوندو. اجلاس ۾ شرڪت لاءِ او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحه، ڪويت، انڊونيشيا، ملائيشيا، بوسينا، آذر بائيجان، نائيجيريا، مالديپ ٻين ٻين ملڪن جا پرڏيهي وزير پهچي چڪا آهن، عمان، ازبڪستان، بنگلاديشن، جرمني جا نمائندا به پهچي ويا آهن.اسلامي ترقياتي بينڪ جو صدر، خليج تعاون ڪونسل جو سيڪريٽري به اسلام آباد آيل آهن، پارليامينٽ جي راهداري تي ريڊ ڪارپيٽ وڇايو ويو آهي جڏهن ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي کي گلن ۽ لائيٽن سان سينگاريو ويو آهي. سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.