پاڪستاني ٽيم جي سپورٽ ڇو ڪيو؟ ڀارتي عدالت 3 شاگردن کي جيل موڪلي ڇڏيو

0
990
پاڪستاني ٽيم جي

ڪراچي(م ڊ) گذريل مهيني ٽي 20 ورلڊ ڪپ دوران 3 شاگردن تي ڀارت خلاف پاڪستان جي فتح جي خوشي کي ڏوهه بڻايو ويو آهي

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڀارتي عدالت ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي فتح جو جشن ملهائڻ تي شوڪت غني سميت ٽنهي شاگردن کي جيل موڪلي ڇڏيو

رپورٽ موجب عدالت پاڪستاني ٽيم کي سپورٽ ڪرڻ جي الزام ۾ شوڪت غني نالي شاگرد کي 2 مهينا جيل موڪلي ڇڏيو آهي

ٻئي طرف شاگردن جي عدالت ۾ پيشي دوران ساڄي ڌر جي انتها پسندن پاران سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي

آگره جي وڪيلن به پاڪستاني ٽيم جي حمايت ڪندڙ شاگردن جو ڪيس وڙهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته شاگردن جا گهرڀاتي غم ۾ ٻڏل آهن