لنڊن(شوبز نيوز) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي ماڊل ايان علي انڪشاف ڪيو آهي ته هن مني لانڊرنگ ڪيس کي منهن ڏيڻ کانپوءِ پنهنجو وڌندڙ وزن ڪيئن گهٽايو. ايان علي ٽوئٽر تي پنهنجي هڪ وڊيو شيئر ڪندي ٻڌايو ته هن انزائٽي ۽ دل جي عارضي ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ ڪهڙي طرح پنهنجو وزن گهٽايو، وڊيو ۾ هن کي سخت ورزشون ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. ايان علي ٻڌايو ته هوءَ پي ٽي ايس ٽي (پوسٽ ٽراميٽڪ اسٽريس ڊس آرڊر) جو شڪار هئي جنهن کانپوءِ هن جو وزن 60 ڪلو مان 100 ڪلو تائين هليو ويو هو هاڻي هوءَ پنهنجي سخت ورزش جي معمول کانپوءِ 58 ڪلوگرام جي ٿي وئي.