ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي فيملي ڪورٽ ناليواري اداڪار فيروز خان طرفان ٻارن جي حوالگي ۽ ساڻن ملاقات بابت داخل درخواست تي فيروز خان کي عدالت جي اجازت کانسواءِ ٻارڙن سان ملڻ کان روڪيندي سندس اڳوڻي گهرواري عليزي فاطمه کي ٻن هفتن ۾ جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪالهه ٻڌڻي دوران فيروز خان ۽ سندس اڳوڻي گهرواري عليزي ٻارڙن سميت پيش ٿيا. ان موقعي تي فيروز خان جي اڳوڻي گهرواري عليزي الزام لڳائيندي چيو ته فيروز خان مون تي تشدد ڪندو هو، روزانو رڙيون ٻڌي پاڙيسري گڏ ٿي ويندا هئا. هن ٻڌايو ته هڪ مهينو اڳ منهنجي زور ڀرڻ تي پٽ سلطان کي ڊفينس جي اسڪول ۾ داخلا ڏياري هئي،  هاڻ آئون گلستان جوهر ۾ رهان ٿي، روزانو پٽ کي اسڪول ڪيئن وٺي وڃان؟  ان موقعي تي فيروز خان اڳوڻي گهرواري جا الزام رد ڪندي چيو ته آئون ٻارڙن جو خرچ ادا ڪري رهيو آهيان، مون  پٽ کي اسڪول ۾ داخلا پڻ ڏياري پر هاڻ ان کي اسڪول نه پيو موڪليو وڃي. هن چيو ٻارن سان ملڻ منهنجو حق آهي، مون کان اهو حق ڪير به  کسي نٿو سگهي. عدالت فيروز خان کي عدالت جي اجازت کانسواءِ ٻارڙن سان ملڻ کان منع ڪندي عليزي کان ٻن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي.