گهوٽڪي (رپورٽر) سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن روشن تارا ماڊل هاير سيڪنڊري اسڪول گهوٽڪي پاران نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽ (ناپا)، گهوٽڪي آرٽس ڪائونسل، خيرپور آرٽس ڪائونسل ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ گهوٽڪي جي سهڪار سان برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي دردن جي عڪاسي ڪرڻ جي لاءِ اسٽيج ٿيٽر “ڪلاڪار” جي عنوان سان پيش ڪيو ويو سنڌ جي موجوده تڪليف وارين حالتن، سنڌي ماڻهن جي بيوسي ۽ قيامت جهڙن منظرن کي مختلف ڪردارن جي ذريعي پيش ڪيو ويو، اهڙا منظر ڏسي سوين ماڻهو سوڳوار ٿي ويا ۽ سڀني جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ڪلاڪار اسٽيج شو ۾ سنڌ جي ناليواري اداڪارن جبار گلال، سرفراز قاضي، آفتاب شاهه، ريما تنيو ۽ فهيم يحيٰ ڀٽو شاندار اداڪاري ڪري سنڌ جي انتهائي قيامت جهڙن منظرن کي پيش ڪرڻ سان گڏ ڪلاڪارن جي غربت واري زندگي حڪومتي نا انصافي ڀوتارڪي ڪلچر ۽ ٻين موضوعن کي بيحد شاندار انداز ۾ پيش ڪيو ويو. اسٽيج شو ڪلاڪار جو ليکڪ ابراهيم کرل هو جڏهن ته ھدايتڪاري فهيم يحيٰ ڀٽو ڪئي.