اوول (اسپورٽس نيوز) اوول ٽيسٽ ۾ انگلينڊ ڏکڻ آفريڪا کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 2-1 تان کٽي ورتي. ان سلسلي ۾ انگلينڊ ڏکڻ آفريڪا طرفان مليل 130 رنز جو هدف هڪ وڪيٽ جي نقصان تي پورو ڪري ٽيسٽ سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي. اولي روبنسن پليئر آف دي ميچ ۽ بين اسٽوڪس کي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو، ڪراولي 69 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. اوول ٽيسٽ جي پهرين اننگ ۾ ڏکڻ آفريڪا پهريان بيٽنگ ڪندي 118 رنز تي ڍير ٿي وئي. مارڪو جانسن 30 رنز ٺاهي نمايان رهيو. انگلينڊ طرفان اولي روبنسن 5، اسٽورٽ براڊ 4 وڪيٽون حاصل ڪيون. انگلينڊ پهرين اننگ ۾ 158 رنز ٺاهي 40 رنز جي برتري حاصل ڪئي. انگلينڊ طرفان اولي پوپ 67 رنز ٺاهي نمايان رهيو. ڏکڻ آفريڪا طرفان ماڪرو جانسن 5 ۽ ڪگيسو ربادا 4 رانديگرن کي پويلين موڪليو. ڏکڻ آفريڪا ٻي اننگ ۾ 169 رنز تي ڍير ٿي وئي ۽ انگلينڊ کي ڪاميابي لاءِ 130 رنز جو هدف ڏنو. ڊين ايلگر 36 رنز ٺاهي نمايان رهيو. انگلينڊ طرفان اسٽورٽ براڊ ۽ بين اسٽوڪس 3-3، جڏهن ته جيمز اينڊرسن ۽ اولي روبنسن 2-2 وڪيٽون ورتيون. انگلينڊ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي هدف پورو ڪري ورتو. زاڪ ڪراولي 69 رنز جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي.