سوال/سروي … ٽينٽ سٽي ۽ امداد بابت عوام حڪومتي دعوائن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

0
351

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي شيئر ڪيل سوال/سروي ۾ حصو وٺندي عوام حڪومتي دعوائن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا، اڪثر ماڻهن چيو ته اڃا تائين برساتي ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، متاثرن لاءِ ٽينٽ سٽي به قائم ناهي ٿي، راشن به مهيا نٿو ڪيو وڃي، شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عبدالحڪيم چانڊيو لکيو ته يوسي پنهوارو تعلقو قمبر ۾ ٽينٽ ناهن ڏنا ويا، راشن به ناهي مليو، ٻارڙا توڙي وڏا بيمار ٿي پيا آهن ڪا واهر ناهي ٿي، محمد زمان ڪلوئي لکيو ته ڊگهڙي ۾ ٽينٽ سٽي ۾ ڪا به سهولت ناهي، عاشق علي جلباڻي لکيو ته نبي سرروڊ ڀرسان نهٽو وٽ ٻوڏ متاثرن پنهنجا خيما اڏيا آهن، سڪندر علي خاصخيلي لکيو ته دوڙ ۾ ٽينٽ سٽي ناهي، اسڪول مان به نڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، شفقت حسين ابڙو لکيو ته موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ ٻلهڙيجي لٽل ماسڪو جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو اتي ڪا به ٽينٽ سٽي نه آهي، شفيع محمد چانڊيولکيو ته نئوڪوٽ ۾ صرف پاڻي آهي، جنسار خان لکيو ته تعلقي نصيرآباد جا اندروني علائقا به پاڻي ھيٺ آھن، وقار حسين لاشاري لکيو ته فيض گنج تعلقي ۾ ڪجهه به نه مليو آهي، ذوالفقار علي سومرو لکيو ته شھدادڪوٽ ۾ ٻوڏ متاثر پني رھيا آھن مجبوري ۾، محبوب علي خان لکيو ته غوثپور ۾ متاثر روڊن تي ستل آهن، امجد علي خاصخيلي لکيو ته لعلورائنڪ ۾ ٽينٽ سٽي وڏي ڳالھه آهي راشن ڏيڻ تي به پاڻ ۾ نٿا ٺهن، متاثر ماڻهو بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، حسين مري لکيو ته تعلقي سنڌڙي جي ديهه ڪنگهل مڪمل پاڻي هيٺ آهي، خير محمد مگسي لکيو ته پيرونمل ۾ ٽينٽ سٽي قائم ناهي ٿي، همٿ علي تمراڻي لکيو ته ڪنب شهر ٻڏل آهي، منظور وساڻ مالڪي ناهي ڪئي، ٽينٽ سٽي قائم ناهي ٿي، اسڪولن ۾ رهندڙ به بي يارو مددگار آهن، آفتاب لغاري لکيو ته اسان جو ڳوٺ ڄام خان لغاري جيڪو تعلقو حيدرآباد ٻھراڙي يونين ڪاميٽي 2 واڻڪي وسي ۾ موجود آٓهي، هتان طارق شاهه ڄاموٽ ۽ ڄام خان شورو چونڊيل نمائندا آهن، پر هنن ڪا به واهر ناهي ڪئي، ڳوٺ ٻڏل آهن، متاثرن کي امداد ناهي ملي، مشتاق قمبراڻي لکيو ته ٺري ميرواھ جو ڳوٺ عبدالمجيد قمبراڻي تباهه ٿي ويو آهي، حاجي خان پنهور لکيو ته اسان جي تعلقي ۾ ڪٿي به ٽينٽ سٽي قائم ناهي ٿي، وفا لاڙ لکيو ته اسان جي يونين ڪائونسل گاجي کهاوڙ تعلقي وارھه ۾ ٽينٽ نه ڏنا ويا آھن نه ئي ڪو راشن ورهايو ويو آهي، ساگر ڀٽي لکيو ته ڳڙهي خيرو ۾ ڪٿي به ٽينٽ سٽي قائم نه ٿي آھي، شھر جا رستا گذريل 22 ڏينھن کان ڪٽيل آھن، عابد حسين جوڻيجو لکيو ته ڏوڪري ۾ ٽينٽ لڳايا ويا پر رات جو زوري متاثرن کي اٿاري من پسندن کي اتي ويهاريو ويو، برڪت علي لکيو ته اسان جي ڳوٺ بلوچ خان چانگ ۾ 3کان 4فوٽ پاڻي گهرن ۾ بيٺل آهي ڪا واهر ناهي ٿي، ايس ڪي پهوڙ لکيو ته سنڌڙي تعلقي جي يوسي 2 سرهل برسات ۾ تباهه ٿي وئي، هٿ سان يوسي ٻوڙي وئي، عامر خان سولنگي لکيو ته ميھڙ ۾ ھن وقت تائين ٽينٽ سٽي قائم نه ٿي سگھي آھي نه ئي وري ڪا مدد ٿي سگھي آھي. ممتاز علي پهوڙ لکيو ته ڳوٺ شيخ محمد پهوڙ ۾ اڃا تائين پاڻي بيٺل آهي، آڪاش اميد علي لکيو ته تعلقو قمبر يو سي خيرپور جوسو لڳ ٽي ڀيرا سم شاخ کي 40 فوٽن جو گھارو جنھن ۾ ديدڙ، گھوگھاري، چانڊو خان مغيري، ورک، سميت ڪيترا ئي ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا هزارين ايڪڙن تي بيٺل ساريالو فصل پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويو، انتطاميا ڪا سار ناهي لڌي، غلام سرور لکيو ته اسان جا 6 گهر ڪِري پيا، اڃا تائين ڪنهن سار ناهي لڌي، بختيار لاشاري لکيو ته تعلقي سجاول جوڻيجو جي ڳوٺ ڪوٽ لعل بخش مهيسر ۾ برسات متاثرن کي اڃان تائين ٽينٽ نه ملي سگهيا آهن، اعتبار علي جانوري لکيو ته ميهڙ يوسي منگواڻي سڄي ٻڏل آهي هڪ به ٽينٽ ناهي مليو، محمد يوسف درس لکيو ته سنڌڙي ۾ ٽينٽ سٽي نالي ماتر آهي، عبدالحق ٽالپر لکيو ته يوسي ٽالپر وڏا تعلقه ڪوٽڏجي ۾ اسان وٽ ڪوب سرڪاري عملدار نه آيو آھي، عبدالواحد خاصخيلي لکيو ته اسان جي ڳوٺ بچل خاصخيلي تعلقو ڪوٽ غلام محمد ضلعي ميرپور خاص ۾5 فوٽ پاڻي بيٺل آھي، وفا سني باريجو لکيو ته شهدادڪوٽ ۾ مختيارڪار آفيس ۾ رات جي وقت ٽينٽ ۽ راشن ورهايا وڃن ٿا، سرمد عباسي لکيو ته خانواھڻ ،تعلقي ڪنڊيارو جو ھڪ اھم شھر آھي. چؤڦير سئو کان وڌيڪ ڳوٺ متاثر ٿيا آهن سرڪار سندن ڪا به سار ناھي لڌي. نه خيما مليا آھن نه ئي مڇردانيون مليون آهن، شهمير جمالي لکيو ته سڪرنڊ تعلقي جون اڪثر يوسيون پاڻي ۾ ٻڏل آھن انتظاميا خاموش تماشو ڏسي رھي آھي، قادر شر لکيو ته هنڱورنو مڪمل پاڻي هيٺ آهي، پاڻي جي لنگهن تي قبضا ڪيا ويا آهن، ڪامريڊ جعفر سنڌي لکيو ته رڪن ٻرڙا تعلقو سنجھورو ۾ متاثر اسڪولن ۾ آھن سي به بي يارو مددگار آهن، بخش علي چانڊيو لکيو ته قمبر شھر جي الهندي پاسي اچي ماڻهن جي حالت ڏسو سڀ ويچارا مسڪين ماروئڙا روڊن تي پيا آهن، ٽينٽ يا راشن ناهي، شفقت کوسو لکيو ته جيڪب آباد ۾ متاثرن جي واهر ناهي ٿي، غلام نبي مڱريو لکيو ته ڪنڊيارو ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ھن وقت تائين صرف من پسند ماڻھن کي ٽينٽ ۽ ٻيو امدادي سامان مليو آھي، عبدالخالق ڇڄڙو لکيو ته ڳوٺ قائم خان ڇڄڙو، ڳوٺ يار محمد ڀرڳڙي، يوسي ٿلھو تعلقو خيرپورناٿن شاهه ۾ ٽينٽ ناهن مليا، ارشاد کوسو لکيو ته خيرپورناٿن شاھ تعلقو مڪمل طور ٻڏي ويو آهي شهر مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي نه وري شهر ۾ چونڊيل نمائنده توڙي ضلعي انتظاميا وارا پهتا آهن. عبدالرحمان، فرقان علي، عبدالحميد شر، رئوف عباسي، ارشد علي چانڊيو، واجد علي، مرتضيٰ احمداڻي، نجيب الله وسطڙو، ممتاز چانڊيو، غلام رضا راڄپر، نيڪ محمد سنڌو، اصغر علي گرگيج، مبين چانڊيو، سيد صنم علي نقوي، ايم ميرجت، امتياز مکڻ، فتح خان لغاري، ناظم علي، فاروق احمد، نورمحمد خاصخيلي، مقبول احمد سومرو، اسامه سنڌي، غلام مرتضيٰ، عبدالرشيد سومرو، محمد خان، الطاف حسين نهڙيو، ڪرم علي ڏيپر، شيراز احمد، محمد شريف چاچڙ، لالا توفيق پنهور، اصغر سنڌي، منصور ميتلو، آفاق احمد، ايم ايس ڀٽو، جانب علي سولنگي، وفا مسرور ٽالپر، جنيد جان، علي غلام ڪولاچي، علي محمد ڏاهاڻي، سالم شورو، مير هزار خان، سيد محمد رضا، سجاد علي، امام الدين، اربيلو جکراڻي، ممتاز علي پهوڙ، غلام رسول، دلدار بلوچ، ساجن داس، عبدالغفار، جنيد جمالي، حسيب جوڻيجو، ڪاشف تنيو، عظيم سرور شر، عبد ٻرڙو، صفيع الله جمالي، عبدالرحمان زرداري، عبدالله عبدالله، قادر ناريجو، رحيم بخش بروهي، ارشاد علي ڦل، اڪبر ڄامڙو، وحيدر مير، سڄڻ علي، اياز خاصخيلي، جميل ٻرڙو، رحمت الله شر، محمد حسين، اميد بوزدار، ذاڪر ڀٽو، اشرف سهوت، قمر سرجاني، مرتضيٰ ڪلهوڙو، نادر جاگيراڻي، خاوند بخش کورکاڻي بلوچ، زاهد رند، فدا جلباڻي، لکمير ٻگهيو، شهباز علي، عبدالوحيد، منٺار لغاري، فدا حسين، حاجي نياز حسين کهڙو، هرچند ڪمار، مرتضيٰ ايم، محمد صالح گلال، مير مصطفيٰ بلوچ، ابراهيم بلوچ، شنڪر ڪمار لوڌريا، تنوير حسين، اعجاز ڇلگري، امجد علي شاهه، لال بخش مهر، عمران ڪمانگر، ظفر شر، راشد شر، علي نواز نهڙي، شھزادو ممتازعلي ڪڙمون، ظفر علي راشدي، خان محمد بنگلاڻي، غلام شبير شر، مجن سومرو، باغي مظھرالسنڌي، حسين بخش نوحاڻي، محمد موسيٰ کٽي، محمد عمر ڪورائي، حافظ خدا بخش انڍڙ،زاهد حسين شنڀاڻي، عبدالوحيد چانڊيو، احسان علي براهوي، عبدالرسول مهر، ممتاز بانو، ڪامران رند، حافظ سليم جان، گلزار لال، سليم گهانگهرو، مير جان، لعل جان دھلڪاڻي، جنسار علي ڀٽي، آصف علي گاڏهي، احمد حسين بروهي، مجاهد علي، دلبر سليم، امان الله بلوچ، هادي بخش کوسو، صديق علي، غلام نبي بلوچ، عبدالحڪيم چانڊيو به سروي ۾ حصو ورتو. منيش واسو لکيو ته ٿرپارڪر جي ڀٽن تي نئوڪوٽ جھڏو جا ٻوڌ متاثر ماڻھو اچي ويا آھن پر ھنن کي حڪومت طرفان ڪابه سهولت ناهي ملي سگهي، عالمگير سولنگي لکيو ته اسان جي ڳوٺ ڪوڙي جا ڀاڻ نوشھروفيروز ۾ نه ٽينٽ سٽي ٺهي آهي نه ئي راشن ڏنو ويو آهي، حبدار علي وارث لکيو ته اڪري چودڳي جو عوام بکن تي آهي راشن ناهي مليو، نياز محمد ميراڻي لکيو ته احمد نگر نيو پنڊ سکر ۾ اڃا تائين گهرن ۾ پاڻي بيٺل آهي، محمد موسيٰ سرڪي لکيو ته ڳڙهي حسن شهر سخت متاثر ٿيو ماڻهو گهرن کان بي گهر ٿي اسڪولن ۽ ڪاليج عمارتن ۾ پناهه ورتي، لالا خورشيد چنا لکيو ته سڳيون ۾ ٽينٽ سٽي ٺاهي ڪاغذي ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي پوءِ ٽينٽ پٽي کڻي ويا. اڪرم لغاري، منظور علي شيخ، علي اڪبر چانڊيو، محمد دائود سومرو، سيف خان، وقار وساڻ، لالا جان، عبدالغفور جمالي، رضا نهڙي، عبدالستار نوحاڻي، ڪريم کوسو، عبيد رخشاڻي، دامن خان، ساگر ميمڻ، فدا حسين لغاري، علي محمد راهمون، سلطان احمد، جاويد علي، علي محمد کوسو، وحيد ڄامڙو، نور محمد، نديم حسين، حسيني شيراز فولادي، عامر جان، سعيد احمد، احسان شاهه، صابر علي، رجب علي راڄپر، خان بلوچ، جاويد ڦلپوٽو، گل شير پنهور، شام لال، ساحل علي، حاڪم علي اوڳاهي، طارق خاصخيلي، تقدس حيات، شاهجهان خان، برڪت علي، عمران ٽانوري، ماجد علي راڄپر، شهباز علي، افضل بلوچ، عامر علي مهر، نادر علي، محمد حسن لغاري، سنيط زاهد، ڪامران علي، ڊاڪٽر حبيب کوسو، وقار حسين، عبدالوحيد ڀٽو، عبدالحميد بلوچ، سڄڻ جاني، رضا خاصخيلي، فراز شيخ، بخت علي شيخ، عبدالرحمان زرداري،  خادم انڙ ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.