ڪراچي(اسپورٽس نيوز) زمبابوي سان تعلق رکندڙ پاڪستاني ڄائي ڪرڪيٽر سڪندر رضا تاريخ رقم ڪري ڇڏي. آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ سڪندر رضا کي هن مهيني جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو آهي. آل رائونڊر سڪندر رضا پليئر آف دي منٿ جو اعزاز حاصل ڪندڙ زمبابوي جو پهريون ڪرڪيٽر آهي. سڪندر رضا انگلينڊ جي بين اسٽوڪس ۽ نيوزيلينڊ جي مچل سينٽنر کي پوئتي ڇڏي پليئر آف دي منٿ جو اعزاز پنهنجي نانءُ ڪيو. واضح رهي ته ويجهڙ ۾ زمبابوي بنگلاديش کي 3 ميچن جي سيريز ۾ شڪست ڏني هئي جڏهن ته آسٽريليا کي به هڪ ميچ ۾ شڪست ڏني هئي، زمبابوي جي ڪاميابيءَ ۾ سڪندر رضا اهم ڪردار ادا ڪيو هو.