ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي حذيفه ابراهيم آمريڪا ۾ ٿيندڙ جونيئر اسڪواش چيمپئن شپ کٽي ورتي. رياست ٽيڪساس جي شهر هيوسٽن ۾ پلاٽينيم فرينڪ ميلٽ جونيئر اسڪواش چيمپئن شپ ۾ 8 ملڪن جي رانديگرن حصو ورتو. پاڪستان جي حذيفه ابراهيم فائنل ۾ سريلنڪن ڄائي آمريڪن رانديگر رشي سري واستو کي شڪست ڏني. حذيفه ابراهيم جي ڪاميابي جو اسڪور 11-8، 11-9 ۽ 12-10 رهيو. ان کان اڳ حذيفه ابراهيم سيمي فائنل ۾ آمريڪن ۽ ڪوارٽر فائينل ۾ ڪينيڊا جي رانديگر کي شڪست ڏني هئي. هي 2022ع ۾ حذيفه ابراهيم جون ٽيون ۽ گڏيل طور تي 30 هون انٽرنيشنل ٽائيٽل آهي.