نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ 15 رڪني ڀارتي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ٽي ٽوئجنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارتي ٽيم جي قيادت روهت شرما ڪندو. اسڪواڊ ۾ ڪي ايل راهول، ويرات ڪوهلي، سوريا ڪمار ياديو، ديپڪ هودا ۽ رشڀ پنٽ شامل آهن. ان کان علاوه دنيش ڪارٿڪ، هرديڪ پانڊيا، روي چندرن ايشون، يوزويندرا چاهل، اڪسر پٽيل، ڀونيشور ڪمار، هرشل پٽيل ۽ ارشديپ سنگهه به ڀارتي ٽيم ۾ شامل آهن. اسڪواڊ ۾ ڀارتي ٽيم جي بالر جسپريت بمراه جي واپسي ٿي آهي ۽ اهو به 15 رڪني ٽيم جو حصو آهي.